ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ لاءِ ٽن ملڪن مان ايندڙ پئسي جي جاچ ڪرائڻ حڪومت جي ذميداري آهي: سينيٽر سراج الحق

ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ لاءِ ٽن ملڪن مان ايندڙ پئسي جي جاچ ڪرائڻ حڪومت جي ذميداري آهي: سينيٽر سراج الحق

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔28 جولائی۔2016) جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ لاءِ ٽن ملڪن مان ايندڙ پئسي جي جاچ ڪرائڻ حڪومت جي ذميداري آهي، انڊيا سان ڳالهين کان انڪار نٿو ڪري سگهجي، پر والاريل ڪشمير ۾ ظلم ۽ بربريت جي حوالي سان واضح لفظن ۾ ڳالهه ڪرڻ جي ضرورت آهي، امجد صابري جي گهروارن سان ڪيل واعدا پورا ڪيا وڃن، خميس ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ ان حوالي سان اعتراف ڪيو ويو آهي ته ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ٻين مقصدن لاءِ ٽن ملڪن مان پئسا موڪليا پيا وڃن، جنهن ۾ ٿائلينڊ، ڏکڻ آفريقا ۽ برطانيه شامل آهن، هن چيو ته ان حوالي سان دليلن ۽ ثبوتن سان گڏ ڪميٽي ۾ ڳالهه ڪئي وئي آهي، هاڻي ان حوالي سان حڪومت جي ذميداري آهي ته هو ڳولا ڪري، ذميدارن کي بي نقاب ڪري، هن چيو ته ماضي ۾ ان تنظيم سان اتحاد ڪري حڪومتون ٺاهيون ويون ۽ ان تنظيم تي سڀني کان وڌيڪ الزام آهن ۽ ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث هجڻ جا واضح ثبوت آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڀارت سان ڳالهين کان انڪار نٿو ڪري سگهجي، پر ڳالهين جي ايجنڊا ۾ ڪشمير جو مسئلو سڀني کان مٿانهون آهي. ڀارتي سرڪار سان ڳالهين ۾ والاريل ڪشمير ۾ ظلم ۽ بربريت جي حوالي سان انساني حقن جي خلاف ورزي تي واضح لفظن ۾ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي ضرورت آهي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 17:36