تحريڪ انصاف پاران سينيٽر اعظم سواتي سينيٽ ۾ پارلياماني اڳواڻ مقرر

تحريڪ انصاف پاران سينيٽر اعظم سواتي سينيٽ ۾ پارلياماني اڳواڻ مقرر

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 24جنوری2016ء) پاڪستان تحريڪ انصاف سينيٽر اعظم سواتي کي سينيٽ ۾ پنهنجو پارلياماني اڳواڻ مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ڪالهه اڱاري ڏينهن پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي ميڊيا ڊپارٽمينٽ جي بيان موجب پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان سينيٽر اعظم سواتي کي سينيٽ ۾ پارلياماني اڳواڻ مقرر ڪرڻ جي باضابطا منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 19:29