سينيٽ جي وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس

سينيٽ جي وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 24جنوری2016ء) سينيٽ جي وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس ڪنوينر سينيٽر نعمان وزير خٽڪ جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ تعليمي نظام کي بدلجندڙ گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ ۽ صنعت ۽ علم ۾ روايت کي مضبوط بڻائڻ جي ايجنڊا تي بحث ڪيو ويو. ڪنوينر نعمان وزير خٽڪ چيو ته ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ انتهائي ضروري آهي ته تعليمي نطام ۾ فني تعليم جديد علم کي به نصاب ۾ شامل ڪيو وڃي، شاگردن کي رڳو پڙهايو نه وڃي پر ذهني ۽ فني تربيت کان به آگاهه ڪيو وڃي، رڳو انٽرن شپ سان ڪجهه حاصل نه ٿيندو، هڪ شيءَ غلط ٺهي وڃي ته روايت بڻجي وڃي ٿي. ڪميٽي جي ڪنوينر چيو ته ملڪ ۾ رياضي، فزڪس ۽ سوشل سائنسز تي ڌيان نه پيو ڏنو وڃي، فارغ ٿيندڙ شاگردن جو رڪارڊ نه رڳو موجود هجڻ گهرجي پر يونيورسٽين مان ڪامياب شاگرد ۽ شاگردياڻيون جتي جتي نوڪريون ڪري رهيا آهن رڪارڊ رکي انهن سان رابطو به هجڻ گهرجي، انجنيئرنگ ۾ ڪتابي تعليم بدران فني تعليم پڻ ڏني وڃي، اسان جا ٻار مارڪيٽ ۾ ضرورت تحت ڊگريون حاصل ڪري رهيا آهن. سينيٽر مشاهد حسين سيد چيو ته تعليم سڀني جي پهرين ترجيح بڻائي وڃي. تعليم کي معيشت ۽ صنعت سان ڳنڍڻ سٺي تجويز آهي، قائداعظم يونيورسٽي ۾ رياضي جي پروفيسر 226 مڪالما پيش ڪيا آهن، اڄڪلهه جا ٻار باصلاحيت آهن اسان انهن کي انٽرن شپ جي لاءِ صنعتي شعبي ۾ به موڪلي رهيا آهيون، يونيورسٽين جي وائيس چانسلرز سان گڏجي هڪ ماڊل بڻايو پيو وڃي جنهن سان ٻارن کي تعليم سان گڏوگڏ روزگار جا بهتر موقعا ڏنا ويندا. اجلاس ۾ ايڇ اي سي جي چيئرمين، وزارت جي سيڪريٽري، يونيورسٽين جي وائيس چانسلرز شرڪت ڪئي. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 19:28