صدر پاران ابابيل ميزائيل جي ڪامياب تجربي تي قوم کي مبارڪون

صدر پاران ابابيل ميزائيل جي ڪامياب تجربي تي قوم کي مبارڪون

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 24جنوری2016ء) صدر ممنون حسين ابابيل ميزائيل جي ڪامياب تجربي تي قوم، پاڪ فوج، سائنسدانن ۽ انجنيئرن کي مبارڪباد ڏني آهي. صدر چيو ته ميزائيل جو تجربو ڪنهن ملڪ جي خلاف نه پر ان جو مقصد خطي ۾ طاقت جي توازن کي برقرار رکڻ آهي. هن چيو ته ميزائيل جو ڪامياب تجربو خطي جي امن ۽ طاقت جي توازن جي لاءِ اهم آهي ۽ پاڪستاني دفاعي نظام ۾ هڪ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 19:24