عورتون صنفي فرق کان مٿانهون ٿي واپاري سرگرمين ۾ حصو وٺن: صدر ممنون حسين

عورتون صنفي فرق کان مٿانهون ٿي واپاري سرگرمين ۾ حصو وٺن: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 24جنوری2016ء) صدر ممنون حسين چيو آهي ته عورتون صنفي فرق کان مٿانهون ٿي واپاري سرگرمين ۾ حصو وٺن ۽ مقابلي جي فضا ۾ ڪم ڪن ته جيئن انهن جي اعتماد ۾ اضافو ٿئي. هن اها ڳالهه ڪالهه اڱاري ڏينهن ايوان صدر ۾ شهلا جاويد اڪرم جي سربراهي ۾ وومين چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري لاهور جي وفد سان ملاقات دوران چئي جنهن ۾ وومين چيمبر جي صدر شازيه سليمان پڻ شامل هئي. صدر چيو ته عورتن کي ڪاروبار جي وڌ کان وڌ مالي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ فيڊريشن آف پاڪستان چيمبر آف ڪامرس جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن ته جيئن عورتن کي ڪاروبار جا موقعا ملي سگهن. هن وفد سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪو ڪاروبار ڪيو وڃي ان ۾ ايمانداري ۽ سچائي اختيار ڪئي وڃي ڇو ته ان کانسواءِ معاشرو ترقي نه ٿو ڪري سگهي. صدر چيو ته واپار ۽ ڪاروبار جي ترقي لاءِ ضروري آهي ته سوسائٽي کي بدعنواني کان پاڪ ڪيو وڃي ۽ اهڙن عنصرن کي منظرعام تي آندو وڃي ته جيئن انهن کي سخت کان سخت سزا ڏئي سگهجي. هن چيو ته عورتون بدعنواني جي خاتمي لاءِ وڏو موثر ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون ڇو ته نئين نسل جي تربيت جو فرض عورتون ئي انجام ڏين ٿيون. صدر عورتن جي ڪاروبار جي ترقي لاءِ ٽريڊ ڊولپمينٽ آف پاڪستان مان به ترقياتي بجيٽ ۾ حصو رکڻ جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي صدر وفد کي ٻڌايو ته ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي منظور ٿيل ليبارٽري تمام جلد پنهنجو ڪم شروع ڪندي جنهن سان تمام گهڻن شعبن ۾ مدد ملندي. صدر واپار واري زارت جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته اها عورتن جي دلچسپي جي ڪاروبار جي فروغ لاءِ خصوصي قدم کڻي ۽ وومين چيمبر جي لاءِ ريسرچ ونگ قائم ڪرڻ جي لاءِ تعاون ڪري. هن ان موقعي تي چيو ته عورتون سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي تعليم تي خاص ڌيان ڏين ته جيئن ان شعبي ۾ هو تيزي سان اڳيان وڌي سگهن. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 19:23