خطاطي ضبط نفس، انساني شخصيت جي تڪميل ۽ روحاني قدرن جي مضبوطي جو ذريعو آهي: صدر ممنون حسين

خطاطي ضبط نفس، انساني شخصيت جي تڪميل ۽ روحاني قدرن جي مضبوطي جو ذريعو آهي: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 24جنوری2016ء) صدر ممنون حسين چيو آهي ته خطاطي ضبط نفس، انساني شخصيت جي تڪميل ۽ روحاني قدرن جي مضبوطي جو ذريعو آهي جنهن پوري مسلمان دنيا ئي نه پر سموري انسانيت کي پاڻ ۾ ڳنڍي رکيو آهي، بهترين خطاطي بهترين انساني جذبن جو عڪس هوندي آهي. هن اها ڳالهه ڪالهه اڱاري ڏينهن پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس ۾ منعقد خطاطي جي فن پارن جي نمائش جي افتتاح جي موقعي تي چئي جنهن ۾ وزيراعظم جي قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري صلاحڪار عرفان صديقي، وفاقي سيڪريٽري عامر حسن، ترڪ فنون لطيفه جي اداري ايريسڪا جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر خالد ايرن، نيشنل بڪ فائونڊيشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر انعام الحق جاويد کانسواءِ اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ مان ايندڙ معزز مهمانن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. صدر چيو ته اهو تاثر عام آهي ته تيزي سان وڌندڙ ٽيڪنالاجي خاص طور تي ڪمپيوٽر جي وڌندڙ استعمال سبب خطاطي جهڙي فن کي نقصان پهتو آهي پر اهو تاثر مڪمل طور تي صحيح نه آهي ڇو ته جديد ايجادن تي اڳرائي حاصل ڪري ان کي پنهنجي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪيو وڃي ته انهي ذريعي پراڻي علم فنون ۾ نئين جدت پيدا ڪري سگهجي ٿي. هن چيو ته اهڙن ڪيترن ئي خطاطي جي بي شمار نمونن ۾ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو ويو آهي جيڪي وڌيڪ خوبصورت شڪل اختيار ڪري ويا آهن. ان سلسلي ۾ آئون اهو چوڻ ۾ ڪا هٻڪ محسوس نه ٿو ڪريان ته انسان جي هٿ جي لکڻي ۽ ٽيڪنالاجي جي گڏيل ميلاپ سان ٽيڪنالاجي ۾ به وڌيڪ سگهه پيدا ٿي سگهي ٿي، ان سلسلي ۾ اسان جا خطاط ۽ انهن جا نوجوان شاگرد جيترو وڌيڪ رياض ۽ محنت ڪندا، ايترو ئي انهن جي فن ۽ شخصيت ۾ نکار پيدا ٿيندو. دنيا جي عظيم مصور پيبلو پڪاسو جو حوالو ڏيندي هن چيو ته جيڪڏهن ان کي اسلامي خطاطي جي خبر هجي ها ته هو ڪڏهن به مصوري نه ڪري ها. هن چيو ته دنيا جي ناليواري خطاط جي موجودگي سان ظاهر ٿئي ٿو ته ماڻهن جو رجحان ان طرف آهي ۽ خاص طور تي عورتن جي شموليت سان ان شعبي جي سگهه جو اندازو هڻي سگهجي ٿو. صدر چيو ته اسلامي فن خطاطي ۽ خوش لکڻي کي اسان جي تهذيبي ۽ ديني روايت ۾ سدائين بنيادي حيثيت حاصل رهي آهي جنهن سبب اسان جي عالم سڳورن ۽ صوفين حالانڪه بادشاهن به ان فن ۾ دلچسپي ورتي ۽ نالو پيدا ڪيو. تاريخ ٻڌائي ٿي ته جيڪو شخص جيترو وڌيڪ متقي ۽ پرهيزگار هو ايترو ئي وڏو خطاط به هو. فن خطاطي جي هڪ عظيم نقاد چيو هو ته دنيا ۾ جتي به مسلمان آهن اتي خطاطي به پنهنجو جادو جاڳائي رهي آهي. خطاطي تهذيبي بنيادن سان اسان جو رشتو مضبوط ڪري ٿي ۽ اسان جي وچ ۾ اتحاد ۽ ٻڌيءَ جو ذريعو بڻجي ٿي. صدر تجويز ڏني ته ملڪ ۾ خطاطي جي فروغ لاءِ قومي سطح تي ئي نه پر صوبائي ۽ علائقائي سطح تي به اهڙي قسم جون نمائشون منعقد ڪيون وڃن ۽ نوجوان فنڪارن جي حوصلا افزائي جي لاءِ انعامي مقابلن جو اهتمام ڪيو وڃي ڇو ته خطاطي مسلمان تهذيب جي سگهه، گهرائي ۽ اثرپذيري جي هڪ زندهه دستاويزي شهادت آهي. هن چيو ته حضرت علي رضه فرمايو هو ته خطاطي اڌ علم آهي، اهي حضرت علي رضه جو فڪر ئي هو جنهن سان روشني حاصل ڪري قرِون وسطي جي هڪ عظيم خطاط چيو ته خطاطي هٿ جي زبان، ذهني پاڪيزگي جي عڪاس، خيالن جي امين، شاهراهه علم جو سنگ ميل ۽ بني نوع انسان جي وچ ۾ امن ۽ آشتي جي فروغ جو بهترين ذريعو آهي. صدر چيو ته اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته عورتون به خطاطي جي فن ۾ وڌي چڙهي حصو وٺي رهيون آهن. هن چيو ته عورتن کي ملڪي ترقي جي لاءِ عورتن کي ورڪ فورس جو حصو بڻايو وڃي. صدر چيو ته ملڪ جي ناليوارن خوش نويسن جا شاندار نمونا ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي ۽ اسان جي ماضي جي عظيم الشان ثقافت ۽ فنون لطيفه جي مختلف شعبن شاندار روايت ظاهر ٿي آهي. هن چيو ته هن نمائش سان ”ن والقلم“ جي قرآني ترڪيب اختيار ڪري ان جي تاريخي، ثقافتي ۽ مذهبي اهميت کي وڌايو ويو آهي جنهن جي لاءِ آئون وزيراعظم جي قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري صلاحڪار عرفان صديقي، سندس ساٿين ۽ نيشنل بڪ فائونڊيشن کي مبارڪباد ڏيان ٿو. صدر چيو ته فن خطاطي جي وڌيڪ ترقي ۽ فروغ جي لاءِ حڪومتي تعاون جاري رهندو ۽ ان سلسلي ۾ ايوان صدر جا دروازا به سدائين کليل رهندا. ان موقعي تي وزيراعظم جي صلاحڪار عرفان صديقي ۽ نيشنل بڪ فائونڊيشن جي چيئرمين ڊاڪٽر انعام الحق پڻ خطاب ڪيو. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 19:19