سڄو پاڪستان ترقي جي ثمرن مان فائدو کڻي رهيو آهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

سڄو پاڪستان ترقي جي ثمرن مان فائدو کڻي رهيو آهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

ملتان (پاکستان نیوز پوائنٹ 24جنوری2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته سڄو پاڪستان ترقي جي ثمرن مان فائدو کڻي رهيو آهي، جن ماڻهن کي ترقي جي ڄاڻ نه آهي اهي پاڪستان جي ترقي جو رستو روڪڻ چاهين ٿا، حڪومتن ۽ سياستدانن جو ڪم عوام کي ڌرڻي، جلسي جلوسن ۽ احتجاجن تي لڳائڻ يا کين گمراهه ڪرڻ ناهي پر ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪرڻ هوندو آهي، وڏيون وڏيون دعوائون ڪندڙ ٻڌائين ته هنن نئون پاڪستان ڪٿي بڻايو آهي، ٽي وي تي اچي عجيب، غريب ۽ بي سرا الزام هڻندڙ هڪ ڏينهن پاڻ قوم جي سامهون بي نقاب ٿي ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن هتي ملتان ميٽرو بس منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پنجاب جو گورنر رفيق رجوانه، پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف، وفاقي ۽ صوبائي وزير ۽ سينئر سياستدان به موجود هئا، واضح رهي ته راولپنڊي اسلام آباد ۽ لاهور کانپوءِ هاڻي ملتان ٽيون شهر آهي جنهن ۾ 28 ارب روپين جي لاڳت سان 18 ڪلوميٽر ڊگهي ميٽرو بس منصوبي جي پڄاڻي ٿي آهي. وزيراعظم نواز شريف شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ اسان هتي صرف سياست ڪرڻ، ڌرڻي، ترقي جو رستو روڪڻ، قوم جو وقت ضايع ڪرڻ، ترقي جي رستي ۾ رنڊڪ وجهڻ، ڪنهن تخريبڪاري يا عوام کي گمراهه ڪرڻ جي لاءِ ناهيون آيا پر ملتان جي عوام کي ميٽرو جو خوبصورت تحفو ڏيڻ، ملتان جي عوام جي خدمت ۽ پنهنجو فرض ادا ڪرڻ آيا آهيون، جيڪو توهان جو حق آهي ۽ اهو توهان کي ڏيڻ آيا آهيون، هن گهٽ ۾ گهٽ مدي ۾ ميٽرو منصوبو مڪمل ڪرڻ تي پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف ۽ ملتان جي عوام کي مبارڪباد ڏني ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ان جي باقي حصي جي تعمير به جلد شروع ڪئي ويندي. جيڪڏهن هي حصو به موجوده حڪومت جي دور ۾ مڪمل ٿئي ٿو ته سٺو آهي، وزيراعظم چيو ته ان منصوبي جي افتتاح جي موقعي تي هن شهر مان چونڊيل قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن کي به دعوت ڏيڻ گهربي هئي ته جيئن هو به ڏسن ته سندن شهر کي اڄ ڪهڙو تحفو ملي رهيو آهي، هتي ميٽرو بڻجي رهي آهي، غريب عوام جي لاءِ بهترين سهولتون پيش ڪيون پيون وڃن، وزيراعظم چيو ته ڪيترائي ماڻهو چئي رهيا هئا ته ميٽرو ملتان جو ڀاڙو ٻين ميٽرو سروسز جي مقابلي ۾ وڌيڪ هجڻ گهرجي، لاهور ۾ ميٽرو ٺهندي چار سال ٿي ويا آهن، راولپنڊي ۽ اسلام آباد جي ميٽرو ٺهي ته ان وقت به ڀاڙو وڌيڪ ڪرڻ جو سوال ٿيو، مون چيو ته جيڪڏهن لاهور ۽ راولپنڊي اسلام آباد ۾ ميٽرو جو ڀاڙو 20 روپيا آهي ته ملتان ۾ به اهو ئي ڀاڙو هجڻ گهرجي، حڪومت ان ڏس ۾ اربين روپيا سالياني سبسڊي جي مد ۾ ڏيندي، حڪومت جا خرچ ڀاڙي مان وصول ٿيندڙ آمدني کان تمام گهڻا آهن، خرچن جي مقابلي ۾ ميٽرو مان ٿيندڙ آمدني تمام گهٽ آهي پر اسان کي پنهنجا حڪومتي خرچ گهٽ ڪري اهي خرچ پورو ڪرڻو آهي، وزيراعظم چيو ته ميٽرو جي سهولت سان سڀ کان وڌيڪ فائدو اسڪولن ۽ ڪاليجن ڏانهن ويندڙ شاگردن، استادن ۽ ٻارڙين کي ٿيو آهي جيڪي نجي گاڏين يا ٽيڪسين ۾ سفر ڪري پنهنجي ادارن ۽ گهرن ڏانهن مشڪل سان پهچنديون هيون ۽ ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ ڀاڙو ادا ڪرڻو پوندو هو، وزيراعظم چيو ته اسان سڀني کي خاص طور تي غريبن جي لاءِ سوچڻ گهرجي، مناسب ٽرانسپورٽ هڪ بهترين سهولت آهي، وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي نئون پاڪستان ڏسڻو آهي ته هو ملتان اچي ڏسي، نئون پاڪستان بڻائڻ جون ڳالهيون ڪندڙ ٻڌائين ته انهن جون نئون پاڪستان ڪٿي آهي، ملتان جي شڪل ۽ نقشو بدلجي رهيو آهي، هي هڪ قديم شهر آهي ۽ ان سهولت تي هتي جا رهواسي تمام گهڻا خوش آهن، هي منصوبو ملتان کي چار چنڊ لڳائيندو. ملتان ڏکڻ پنجاب جو هڪ بهترين شهر آهي ۽ ان کي خوبصورت کان خوبصورت بڻائڻ اسان جي ذميداري آهي ۽ انشاءُ الله ان کي بڻائينداسين. هن چيو ته ماضي جي ڪنهن حڪمران ملتان شهر ۾ ميٽرو بس بڻائڻ جو نه سوچيو، شهباز شريف کي ان منصوبي تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو جنهن ڏيڍ سال جي مختصر مدي ۾ ان منصوبي کي مڪمل ڪيو ۽ انشاءُ الله هي منصوبو اڳتي ويندو. هن چيو ته 1999ع ۾ موٽر وي لاهور تائين ئي محدود هئي جڏهن اسان اسلام آباد کان لاهور موٽر وي جو افتتاح ڪيو پئي ته ان وقت جاويد هاشمي ۽ تهمينه دولتانه به موجود هئي، اڄ موٽر وي جو ڄار سڄي ملڪ ۾ پکڙجي چڪو آهي، ان جي تعمير گهڻي تيز آهي ۽ هي تمام ٿورڙي عرصي ۾ ملتان پهچڻ واري آهي، هي موٽر وي صرف لاهور کان ملتان نه ايندي پر گوجره کان شورڪوٽ ۽ شورڪوٽ کان خانيوال تائين اچي رهي آهي، ايڪسپريس وي به اتي اچي رهي آهي، ملتان کان راولپنڊي اسلام آباد بذريعه روڊ وڃڻو پوندو ته اتان خانيوال، عبدالحڪيم روڊ ۽ فيصل آباد ۽ پنڊي ڀٽيان کان اسلام آباد تائين جو سفر اڄ 8 ڪلاڪن ۾ طئي ٿيندو آهي ۽ ان روڊ سان ساڍن چئن ڪلاڪن اسلام آباد پهچڻ ممڪن ٿي ويندو. اهڙي طرح ملتان ۽ لاهور جو سفر به مختصر ٿيندو، هن وقت سفر جو وقت پنج ڪلاڪ آهي ۽ موٽر وي سان هي فاصلو ساڍن ٽن ڪلاڪن ۾ مڪمل ٿيندو، هي اهو ئي روڊ آهي جيڪو لاهور کان اسلام آباد ملندو آهي ۽ اڳتي اسلام آباد کان پشاور ملندو، ملتان کان سکر موٽر وي جو ٻيو حصو تعمير هيٺ آهي ۽ منصوبي تي ڪم تيزي سان جاري آهي، اهو به 6 لائينن وارو آهي، وزيراعظم چيو ته سکر کان حيدرآباد تائين موٽر وي جي منصوبي جو ٺيڪو ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ ڏنو ويندو، حيدرآباد کان ڪراچي تائين موٽر وي تعمير هيٺ آهي، 6 لائينن وارو موٽر وي منصوبو هن سال مڪمل ٿي ويندو، ان سان پشاور کان ڪراچي تائين 6 لائينن واري موٽر وي مڪمل ٿيندي، هن چيو ته ملڪ جي ٻين حصن جيئن بلوچستان ۾ به روڊن جو ڄار وڇائي رهيا آهيون، گوادر ۾ هڪ نئين بندرگاهه بڻجي رهي آهي، موجوده حڪومت بلوچستان تي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽انهن قدمن سان بلوچستان باقي پاڪستان جي ٻين علائقن جي برابر اچي رهي آهي، اقتصادي زونز بڻجي رهيا آهن ، بجلي پاور پلانٽس بڻجي رهيا آهن، رستن جو ڄار وڇندو، پاڪستان جي عوام ڏسي ته خنجراب سان گوادر تائين پوري هڪ ايڪسپريس وي ۽ موٽر وي بڻجندي، پورو پاڪستان هڪ حصي کان ٻي حصي سان ڳنڍجي ويندو، هي ننڍو نه پر تمام وڏو منصوبو آهي، ملڪ جي چئني ڌرين ان منصوبي جي ذريعي هڪ ٻئي سان ڳنڍجي رهيون آهن، گلگت بلتستان جي اندر به رستا ٺهڻ شروع ٿيا ويا آهن، آزاد ڪشمير ۾ به رستا تعمير ٿي رهيا آهن، وزيراعظم ان تي زور ڏنو ته پوري پاڪستان ۾ ترقي ٿي رهي آهي، هن چيو ته جن ماڻهن ۾ ترقي جي سمجهه نه آهي اهي پاڪستان جي ترقي جو رستو روڪڻ چاهين ٿا، اهڙا ماڻهو ٽيلي ويزن تي اچي عجيب ۽ غريب قسم جا بي سرا الزام هڻندا آهن جيتوڻيڪ هو پنهنجي معاملن ۾ الجهيل هوندا آهن ۽ هڪ ڏينهن حقيقت سامهون ايندي، وزيراعظم سياست ۾ شرافت ۽ شائستگي جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته هڪ شخص ٻين جي باري ۾ اڻوڻندڙ زبان استعمال ڪري ٿو، دين ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اها ڳالهه ٻين کي نه چئو جنهن تي توهان پاڻ عمل نٿا ڪريو، اهڙا ماڻهو پاڻ عمل نٿا ڪن ۽ ٻين تي الزام هڻندا آهن، هڪ ڏينهن انهن جا سڀ اڇا ڪارا قوم جي سامهون ايندا. وزيراعظم بجلي جي منصوبن جو ذڪر ڪندي چيو ته انهن جي مڪمل ٿيڻ سان 10 هزار ميگاواٽ بجلي اسان جي سسٽم ۾ شامل ٿي ويندي، جڏهن ته پاڪستان ٺهيو آهي 15 هزار ميگاواٽ کان وڌيڪ بجلي نه بڻائي وئي، ٽن سالن جي محنت ۽ نگراني سان 10 هزار ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ٿي ويندي. 2013ع ۾ لوڊشيڊنگ تي ضابطو آڻڻ مشڪل هو، 16 ،16 ڪلاڪ تائين لوڊشيڊنگ اسان ڏٺي آهي اڄ الله جي فضل ۽ ڪرم سان لوڊشيڊنگ گهٽ ٿي آهي ۽ ايندڙ سال لوڊشيڊنگ ختم ٿي ويندي ڇو ته بجلي جي پيداوار جا نوان منصوبا مڪمل ٿي رهيا آهن. ڪوئلي جو جهاز ڪراچي پورٽ پهچي ويو آهي ۽ هاڻي هي ڪوئلو ساهيوال جي ڪارخاني ۾ پهچندو، جڏهن ڪوئلو اچي ويو آهي ته بجلي به اچي ويندي ۽ ڪوئلي سان هلندڙ هي پلانٽ هاڻي ڪم شروع ڪري ڏيندو، وزيراعظم چيو ته بجلي ۽ توانائي جا منصوبا سڄي ملڪ جي سمورن حصن ۾ هي ڪارخانا لڳي رهيا آهن، ڀاشا ڊيم لاءِ زمين جي خريداري ٿي چڪي آهي ۽ ان ڏس ۾ 110 ارب روپين جي ادائيگي ڪئي وئي، ان منصوبي سان چار هزار ميگاواٽ جي لڳ ڀڳ بجلي پيدا ٿيندي ان کانسواءِ پاڻي جو وڏو ذخيرو بڻجي رهيو آهي جيڪو منگلا ڊيم ۽ تربيلا ڊيم کان وڏو هوندو، هي اسان جي آبادگارن جي لاءِ پاڻي۽ بجلي فراهم ڪندو ۽ پاڪستان جي زمينن کي آباد ڪندو، ان سان زراعت ترقي ڪندي ۽ فصل وڌندا. وزيراعظم چيو ته اسان نه صرف بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم پر ان جي قيمت به گهٽ ڪرڻ چاهيون ٿا ته جيئن غريب ماڻهو به بجلي استعمال ڪري سگهن. هن چيو ته قوم کي ڌرڻن ۽ احتجاج تي لڳائڻ حڪومت جو ڪم نه آهي، حڪومتن جو هي ڪم آهي جو ملتان اچي اسان ڪيو آهي، هن چيو ته حڪومت تعليمي ادارن ۽ صحت جا وڏا وڏا پروگرام شروع ڪري ڇڏيا آهن، هتي نيون اسپتالون ٺهنديون، ملتان جي اندر نيشنل هيلٿ انشورنس اسڪيم به اچڻ واري آهي ۽ ان سان علاج جي لاءِ گهر وڪڻڻ ۽ اڌار وٺڻ تي مجبور غريب ماڻهو فائدو کڻندا. علاج جي لاءِ گهر وڪرو ڪرڻ وارا يا اڌار وٺندڙ سڄي زندگي اڌار ادا نٿا ڪري سگهن، انهن کي ٻارن کي پڙهائڻ به نصيب ناهي ٿيندو هو مجبورن کين اسڪول کان اٿاريندا آهن، هو پنهنجو پيٽ پالين يا ٻارن کي پڙهائين، ٻنهي مان ڪنهن هڪ آپشن کي اختيار ڪرڻو پوندو آهي. هيلٿ اسڪيم کي پنجاب جي سمورن ضلعن ۾ پهچائينداسين ۽ غريب ماڻهن کي مفت علاج جون سهولتون فراهم ڪنداسين، حڪومت ان ڏس ۾ خرچ ادا ڪندي. هي اها اسڪيم آهي جيڪا پاڪستان جي 20 ڪروڙ عوام تائين پهچندي، هي اهو ڪم آهي جيڪو اسان جي سياست جي اندر عبادت جو درجو رکي ٿي، سياستدانن کي ان طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي، سياستدان صرف تقريرن، ناشتن ۽ چانهه پيئڻ جي لاءِ ناهن هوندا، وزيراعظم ان موقعي تي ڪمشنر ملتان ڊويزن ڪيپٽن (ر) اسد الله خان طرفان ميٽرو منصوبي جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪرڻ تي ان جي واکاڻ ڪئي، هن چيوته جيڪڏهن سرڪاري ملازم انهي جذبي سان خدمت ڪن ته انشاءُ الله پنهنجي شهر جي ماڻهن جو دعائون به وٺندا، ماڻهو انهن سان محبت ڪندا، هن سبطين فضل جي به منصوبي جي لاءِ خدمتن کي ساراهيو، وزيراعظم چيو ته لاهور جي ميٽرو بس ۽ راولپنڊي اسلام آباد ميٽرو منصوبا به هن بڻايا ۽ هاڻي ملتان ميٽرو بس جو منصوبو به هن بڻايو، بهاولپور، فيصل آباد، رحيم يار خان، سرگوڌا ۽ گوجرانوالا ۾ به ميٽرو بس سروس بڻائينداسين، پنجاب جو چيف سيڪريٽري به انهن منصوبن ۾ پنهنجو حصو وجهندو رهي، هن چيو ته اهڙا ڪيترائي منصوبا عوام جي لاءِ بڻائينداسين، وزيراعظم ملتان ميٽرو پوليٽين ڪارپوريشن جي ميئر نويد آرائين کي به ميئرشپ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته هو دل لڳائي ڪم ڪندو ۽ ملتان شهر جو نقشو تبديل ڪندو ۽ ان کي خوبصورت ترين شهر بڻائيندو، تقريب کي پنجاب جي وڏي وزير محمد شهباز شريف، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري واري وفاقي وزير سڪندر حيات بوسڻ ملتان جي ميئر نويد آرائين به خطاب ڪيو. اي پي پي/ش – چ/ر – م 15:55