وزيراعظم سان ڪارڪن طرفان محبت جي اظهار

وزيراعظم سان ڪارڪن طرفان محبت جي اظهار

ملتان (پاکستان نیوز پوائنٹ 24جنوری2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف جي ميٽرو بس ملتان جي افتتاح جي موقعي تي پرجوش ڪارڪن طرفان محبت جي اظهار تي نواز شريف طرفان به جواب ۾ پيار جو اظهار ڪيو ويو. ڪالهه اڱاري ڏينهن ملتان ميٽرو بس منصوبي جي افتتاح جي موقعي تي وزيراعظم محمد نواز شريف جي خطاب دوران هڪ ڪارڪن پنهنجي سيٽ تي بيهي نواز شريف زنده باد جا نعرا هڻڻ لڳو ته وزيراعظم ان جو ٿورو ادا ڪندي کيس پنهنجي سيٽ تي ويهڻ جو چيو ته ڪارڪن وڏي آواز ۾ چيو ته ميان صاحب آءِ لو يو، جنهن تي وزيراعظم چيو ته منهنجا به توهان جي لاءِ اهي ئي جذبا آهن، آئون به توهان سان پيار ڪريان ٿو، توهان جا اهي لفظ چوڻ تي مهرباني، الله توهان کي سلامت رکي ۽ هي پيار برقرار رکي. اي پي پي/ش – چ/ر – م 15:10