پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو ٻن ڏينهن وارو اجلاس ملتوي

پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو ٻن ڏينهن وارو اجلاس ملتوي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 24جنوری2016ء) پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين سيد خورشيد احمد شاهه جي مصروفيتن سبب پي اي سي جو ٻن ڏينهن وارو اجلاس ملتوي ڪيو ويو آهي. پي اي سي سيڪريٽريٽ موجب ڪالهه اڱاري ڏينهن پي اي سي جي اجلاس ۾ پاڻي ۽ بجلي واري وزارت جي آڊٽ اعتراضن جو جائزو وٺڻو هو جڏهن ته اربع ڏينهن به پاڻي ۽ بجلي واري وزارت ۽ ٻين وفاقي وزارتن جا سال 14 -2013ع جا آڊٽ اعتراض ايجنڊا تي هئا. اي پي پي/ش – چ/ر – م 12:32