وزيراعظم پاران ملتان ميٽرو بس سروس جو افتتاح

وزيراعظم پاران ملتان ميٽرو بس سروس جو افتتاح

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 24جنوری2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف 18 ڪلوميٽر ملتان ميٽرو بس سروس جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. ڪالهه اڱاري ڏينهن وزيراعظم پنجاب جي گورنر رفيق رجوانه، پنجاب جو وڏو وزير محمد شهباز شريف ۽ ٻين سان گڏ ملتان ميٽرو بس سروس جو افتتاح ڪيو. وزيراعظم محمد نواز شريف ملتان ميٽرو بس اسٽاپ چنگي نمبر 9 جو دورو ڪيو. وزيراعظم محمد نواز شريف ميٽرو بس سروس تي سفر ڪري سهولتن جو جائزو ورتو، پنجاب جو قانون وزير رانا ثناءُ الله ۽ ٻيا عملدار به ساڻس گڏ هئا. ميٽرو بس ملتان ۾ 95 هزار ماڻهو روزانو بهترين سفري سهولتن مان فائدو کڻي سگهندا. 18 ڪلوميٽر ڊگهي ميٽرو بس سروس تي 21 اسٽيشنون بڻايون ويون آهن، هر 700 ميٽر کانپوءِ بس اسٽاپ بڻايا ويا آهن، هتي اي ٽڪيٽنگ جو نظام لاڳو هوندو جڏهن ته ان جو ڀاڙو سستو هوندو، ميٽرو بس ملتان ۾ 25 تعليمي ادارن، 15 اسپتالن ۽ ڪيترين ئي مارڪيٽن کي ملائيندي، عورتن ۽ معذور ماڻهن جي لاءِ ان ۾ مخصوص سيٽون هونديون، ميٽرو بس سروس بهاءُ الدين ذڪريا يونيورسٽي کان شروع ٿي بوسن روڊ، همايون روڊ، دولت گيٽ، حافظ جمال روڊ، بي سي جي چوڪ، وهاڙي روڊ کان ٿيندو ڪنڀار چوڪ تي پڄاڻي تي پهچندي، ان منصوبي تي 28 ارب 88 ڪروڙ روپين جي لاڳت آئي آهي، ان منصوبي جي لاءِ 265 ڪينال زمين خريدي وئي، شروعاتي طور تي 35 بسون مسافرن کي سفري سهولتون فراهم ڪنديون. اي پي پي/ش – چ/ر – م 12:30