صدر پاران قومي اسيمبلي جو اجلاس پهرين آگسٽ تي طلب

صدر پاران قومي اسيمبلي جو اجلاس پهرين آگسٽ تي طلب

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔28 جولائی۔2016) صدر ممنون حسين قومي اسيمبلي جو اجلاس پهرين آگسٽ شام پنجين وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ طلب ڪري ورتو آهي، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب صدر آئين جي آرٽيڪل 54 (1) تحت حاصل اختيارين کي استعمال ۾ آڻيندي قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪيو آهي، واضح رهي ته صدر ان کان اڳ قومي اسيمبلي جو اجلاس 8 آگسٽ تي طلب ڪيو هو، پر صدر 8 آگسٽ تي طلب ڪيل اجلاس جو نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيو آهي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 16:34