قومي احتساب قانون بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو ٽيون اجلاس اڄ ٿيندو

قومي احتساب قانون بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو ٽيون اجلاس اڄ ٿيندو

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 23وری2016ء) قومي احتساب قانون بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو ٽيون اجلاس اڄ اڱاري ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو. اجلاس جي صدارت قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير زاهد حامد ڪندو. پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس ۾ ٻئي اجلاس جي منٽس جي توثيق، قانون ۽ انصاف واري وزارت ٻين ملڪن ۾ بدعنواني جي خاتمي جي قانونن، پاڪستان ۾ قومي احتساب جي قانونن جو جائزو، تجويز ڪيل نيشنل احتساب ڪميشن جي بنيادي ڍانچي تي غور ڪيو ويندو. اي پي پي/ش – چ/ر – م 15:26