ناڻي واري وزير اسحاق ڊار سان آمريڪي سفير ڊيوڊ هيل جي ملاقات

ناڻي واري وزير اسحاق ڊار سان آمريڪي سفير ڊيوڊ هيل جي ملاقات

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 21نوری2016ء) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پاڪستان ۾ آمريڪي سفير ڊيوڊ هيل ڪالهه ڇنڇر ڏينهن هتي ناڻي واري وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ناڻي واري وزير ۽ آمريڪي سفير ٻطرفن دلچسپي جي معاملن خاص طور تي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ناڻي واري وزير نئين آمريڪي صدر جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان حڪومت ٻطرفي اسٽريٽجڪ ۽ معيشت تي ٻڌل تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ نئين آمريڪي انتظاميا سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي منتظر آهي. آمريڪي سفير ڊيوڊ هيل چيو ته آمريڪا پاڪستان سان پنهنجي پراڻن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ پاڪستان کي هڪ اهم حصيدار تصور ڪري ٿو. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ تمام گهڻيون صلاحيتون ۽ موقعا موجود آهن. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان حڪومت ميڪرو اڪنامڪ استحڪام حاصل ڪرڻ کانپوءِ بلند، پائيدار ۽ حصيداري اقتصادي ترقي حاصل ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ ان مقصد جي لاءِ پرڏيهي سيڙپڪاري جي آجيان ڪندي. اي پي پي/ع – ک 21:33