اياز صادق ۽ مرتضيٰ جاويد عباسي پاران پارا چنار بم ڌماڪي جي مذمت

اياز صادق ۽ مرتضيٰ جاويد عباسي پاران پارا چنار بم ڌماڪي جي مذمت

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 21نوری2016ء) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ۽ ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسي پارا چنار سبزي مارڪيٽ ۾ ٿيندڙ ڌماڪي جي سخت مذمت ڪئي آهي. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن پنهنجي جدا جدا تعزيتي پيغامن ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر چيو ته معصوم شهرين کي دهشتگردي جو نشانو بڻائيندڙ انسانيت دشمن آهن، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر پونئيرن سان همدردي جو اظهار ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. اي پي پي/ع – ک 18:12