سينيٽر ڊاڪٽر بابر اعواڻ پاران اجلاس مان واڪ آئوٽ

سينيٽر ڊاڪٽر بابر اعواڻ پاران اجلاس مان واڪ آئوٽ

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 20نوری2016ء) سينيٽ جي اجلاس ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيٽر ڊاڪٽر بابر اعواڻ گذري ويل سوال تي ضمني سوال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ تي اجلاس جي صدارت ڪندڙ مولانا عبدالغفور حيدري خلاف احتجاجن واڪ آئوٽ ڪيو، جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر ڊاڪٽر بابر اعواڻ گذريل ويل سوال تي ضمني سوال ڪرڻ جي اجازت گهري چيئرمين جي بار بار منع ڪرڻ باوجود بغير مائيڪ جي ڳالهائيندو رهيو ۽ چيو ته هو عوام جي مفاد تي ڳالهه ڪرڻ چاهي ٿو، چيئرمين مولانا عبدالغفور حيدري چيو ته اهو طريقيڪار غلط آهي ۽ پارلياماني روايتن جي خلاف آهي، چيئرمين ان کي ڳالهه ڪرڻ جي اجازت نه ڏني جنهن تي هو احتجاجن واڪ آئوٽ ڪري ويو، چيئرمين پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد کي هدايت ڪئي ته ان کي پرچائي ايوان ۾ آڻي، بعد ۾ اچڻ کانپوءِ چيئرمين ان کي سوال ڪرڻ جي اجازت ڏني، سينيٽر ڊاڪٽر بابر اعواڻ غير لاڳاپيل سوال ڪيو جنهن تي گهرو مملڪتي وزير انجنيئر بليغ الرحمان چيو ته شايد سينيٽر قائدا وساري چڪو آهي، هن غير لاڳاپيل سوال ڪيا آهن.اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 15:36