عرفان صديقي پاران مولانا عبدالحفيظ مڪي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

عرفان صديقي پاران مولانا عبدالحفيظ مڪي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 17نوری2016ء) وزيراعظم جي قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري صلاحڪار عرفان صديقي انٽرنيشنل ختم نبوت صه فضيلته جي مرڪزي امير الشيخ مولانا عبدالحفيظ مڪي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ڪالهه اڱاري ڏينهن پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ وزيراعظم جي صلاحڪار چيو ته مولانا عبدالحفيظ مڪي پنهنجي زندگي دعوت ۽ تبليغ جي لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جاءِ ڏي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي. عرفان صديقي ناليواري مذهبي اسڪالر، صوفي شاعر ۽ ماهر لسانيات ڊاڪٽر نصيرالدين هنزئي جي لاڏاڻي تي پڻ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن مرحوم جي مغفرت ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 17:24