عمران خان ٽن سالن تائين ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ انتشار جي سياست ڪرڻ تي قوم کان معافي وٺي: مريم اورنگزيب

عمران خان ٽن سالن تائين ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ انتشار جي سياست ڪرڻ تي قوم کان معافي وٺي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 17نوری2016ء) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان ٽن سالن تائين ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ انتشار جي سياست ڪرڻ تي قوم کان معافي وٺي، سندس پٽيشن جا ڪيترا حصا عدالت ۾ پڙهي ٻڌايا ويا جن تي پي ٽي آءِ جي وڪيل دليل ئي پيش نه ڪيا ۽ پٽيشن جي انهن حصن تان عمران خان پاڻ ۽ سندس وڪيل پٺتي هٽي چڪا آهن، وزيراعظم ڪنهن به تقرير ۾، ڀلي اها پارليامينٽ جي اندر هجي يا ٻاهر، ڪوڙ ناهي ڳالهايو ۽ نه ئي انهن ۾ ڪو تضاد آهي، نه ئي وزيراعظم محمد نواز شريف عدالت کان ڪا ڇوٽ گهري آهي، ائين ڪرڻو هجي ها ته هو ان ڪيس جي ٻڌڻي جوڳو هجڻ کي ئي چئلينج ڪري ها پر هن ائين نه ڪيو ۽ اعليٰ عدليه کي چيو ته ان ڪيس کي ٻڌو وڃي، جيڪو قانون سموري عوام ۽ پارليامينٽرين تي لاڳو ٿئي ٿو اهو ئي قانون وزيراعظم تي به لاڳو ٿئي ٿو. سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته عمران خان پنهنجي پهرين پٽيشن ۾ چيو ته وزيراعظم ميان نواز شريف کي برطرف ڪيو وڃي ڇو ته هن ٽيڪس چوري ڪئي آهي، سندس پٽيشن جا ڪيترا حصا عدالت ۾ پڙهي ٻڌايا ويا جن تي پي ٽي آءِ جي وڪيل دليل ئي پيش نه ڪيا ۽ پٽيشن جي انهن حصن تان عمران خان پاڻ ۽ سندس وڪيل پٺتي هٽي چڪا آهن. مريم اورنگزيب چيو ته گذريل ڏينهن عمران خان ميڊيا تي چوندو رهيو ته وزيراعظم يوٽرن وٺي رهيو آهي ۽ هن عدالت کان ڇوٽ گهري آهي. مملڪتي وزير چيو ته وزيراعظم محمد نواز شريف عدالت کان ڪنهن به قسم جي ڇوٽ ناهي گهري ۽ جيڪڏهن ائين ڪرڻو هجي ها ته هو هن ڪيس جي ٻڌڻي جوڳو هجڻ کي ئي چئلينج ڪري ها پر هن ائين نه ڪيو ۽ اعليٰ عدليه کي چيو ته ان ڪيس کي ٻڌو وڃي. وزيراعظم محمد نواز شريف جيڪڏهن ڇوٽ گهري ها ته سپريم ڪورٽ ۾ اڄ اهو ڪيس نه ٻڌو وڃي ها. هن چيو ته ڇوٽ گهرڻ ۽ عدالتي اسٽي آرڊر پٺيان لڪڻ عمران خان جو شيوو آهي. مريم اورنگزيب چيو ته اصل ۾ عمران خان پاڻ اليڪشن ڪميشن ۾ ڇوٽ گهري ۽ پنهنجي ڪيس تي هن پاڻ چيو ته آئون ان ڳالهين جو جوابده نه آهيان جيڪي هن اليڪشن وڙهڻ کان اڳ ۾ ڪيون. اطلاعات واري وزير چيو ته اليڪشن ڪميشن ۾ عمران خان پاران جهڙي قسم جو حلف نامو داخل ڪيو ويو آهي ان تي به هن معافي گهري ۽ سمورا ڪيس واپس ورتا. مريم اورنگزيب عمران خان کي مخاطب ڪندي چيو ته هاڻي وقت اچي چڪو آهي ته توهان قوم کان معافي وٺو ڇو ته توهان ساڍا ٽي سال قوم سان ڪوڙ ڳالهائيندا رهيا آهيو ۽ انتشار جي سياست ڪندا رهيا آهيو. هن چيو ته وزيراعظم ڪنهن به قسم جي ٽيڪس چوري يا مني لانڊرنگ ناهي ڪئي جيڪڏهن هو ائين ڪري ها ته سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ نه چوي ها. مريم اورنگزيب چيو ته عوام ۽ پارليامينٽ ميمبرن تي جيڪو قانون لاڳو ٿئي ٿو اهو ئي قانون وزيراعظم تي به لاڳو ٿئي ٿو. هن چيو ته محمد نواز شريف ٽيون ڀيرو چونڊيل وزيراعظم آهي، هو تقرير ڪندي ڊڄندو ناهي، سندس سموريون تقريرون رڪارڊ تي موجود آهن. مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته اڄ عدالت ۾ هڪ جملو پڪاريو ويو It cannot be done جنهن جو مطلب اهو آهي ته جيڪڏهن عمران خان چاهي ته ميان نواز شريف جي لاءِ هڪ قانون هجي ۽ پاڪستان ۾ رهندڙ باقي سورن ماڻهن جي لاءِ مختلف قانون هجي ته اسان جي وڪيل عدالت ۾ چيو ته It cannot be done. مريم اورنگزيب چيو ته اڄ عدالت اهو به چيو آهي ته جيڪڏهن وزيراعظم تي اهي الزام ثابت نه ٿيا ته هن ڪيس جي بنياد تي وزيراعظم کي برطرف نه ٿو ڪري سگهجي. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 17:20