پيپلزپارٽي جي ميمبرن پاران ڌيان ڇڪايو نوٽيس قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع

پيپلزپارٽي جي ميمبرن پاران ڌيان ڇڪايو نوٽيس قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 17نوری2016ء) پاڪستان پيپلزپارٽي جي ميمبرن ملڪ ۾ گئس جي عدم فراهمي جي حوالي سان ڌيان ڇڪايو نوٽيس قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. ڪالهه اڱاري ڏينهن ڊاڪٽر نفيسه شاهه، شازيه مري، بليم حسنين، شاهده رحماني، مخدوم سيد مصطفيٰ محمود ۽ ڊاڪٽر شازيه ثوبيه طرفان جمع ڪرايل ڌيان ڇڪايو نوٽيس ۾ پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن واري وفاقي وزير جو ڌيان سڄي ملڪ ۾ گهريلو صارفين کي گئس جي عدم دستابي تي ڇڪايو ويو آهي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 14:23