هائوسنگ فائونڊيشن اسلام آباد پوليس ۽ ضلع انتظاميه جي 60 آفيسرن کي پروفيشنل ڪوٽا تحت ميرٽ تي پلاٽ الاٽ ڪيا آهن: اڪرم خان دراني

هائوسنگ فائونڊيشن اسلام آباد پوليس ۽ ضلع انتظاميه جي 60 آفيسرن کي پروفيشنل ڪوٽا تحت ميرٽ تي پلاٽ الاٽ ڪيا آهن: اڪرم خان دراني

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 17نوری2016ء) هائوسنگ ۽ تعميرات واري وفاقي وزير اڪرم خان دراني چيو آهي ته هائوسنگ فائونڊيشن اسلام آباد پوليس ۽ ضلع انتظاميه جي 60 آفيسرن کي پروفيشنل ڪوٽا تحت ميرٽ تي پلاٽ الاٽ ڪيا آهن. پلاٽن جي الاٽمينٽ ۾ ميرٽ جي ڪا به خلاف ورزي ناهي ٿي، اربع ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر طاهر حسين مشهدي جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي جواب ۾ هن چيو ته پروفيشنل ڪوٽا پهرين 2 سيڪڙو هئي جنهن کي بعد ۾ وڌائي 3 سيڪڙو ڪيو ويو، هن چيو ته 17 جون 2015ع تي ايگزيڪيٽو ڪميٽي جو به هڪ اجلاس ٿيو، ڪميٽي کي پلاٽ الاٽ ڪرڻ جو مڪمل اختيار آهي. هن چيو ته پروفيشنل ڪوٽا تحت پلاٽ ميرٽ تي الاٽ ڪيا ويا آهن ۽ ميرٽ جي ڪٿي به خلاف ورزي ناهي ڪئي وئي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م14:10