پاڪستان ٻن سالن اندر دنيا جي 25 هين ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ شامل ٿيندو: مشاهد الله خان

پاڪستان ٻن سالن اندر دنيا جي 25 هين ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ شامل ٿيندو: مشاهد الله خان

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 17نوری2016ء) اڳوڻي وفاقي وزير سينيٽر مشاهد الله خان چيو آهي ته پاڪستان ٻن سالن اندر دنيا جي 25 هين ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ شامل ٿيندو، عمران خان جون آمريڪا ۾ 2 وڌيڪ آف شور ڪمپنيون سامهون اچي چڪيون آهن، سندس گهيرو تنگ ٿي چڪو آهي، اڱاري ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اڄ جي رپورٽ موجب پاڪستان ترقي جي ڊوڙ ۾ ڀارت کان اڳتي نڪري چڪو آهي، ملڪي ترقي جا انگ اکر مثبت نظر اچي رهيا آهن، چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبي سان ملڪي معيشت وڌيڪ مضبوط ٿيندي، جڏهن ته منصوبي سان عوام کي روزگار جا موقعا ميسر ايندا ۽ غربت جي شرح ۾ گهٽتائي ايندي. هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ ۽ وزيراعظم جي ڪوششن سان ملڪ ٻن سالن اندر 25 هين ترقي يافته ملڪن ۾ شامل ٿيندو. هن چيو ته عمران خان جون آمريڪا ۾ 2 وڌيڪ آف شور ڪمپنيون سامهون اچي چڪيون آهن، سندس چوڌاري گهيرو تنگ ٿي چڪو آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪڏهن وزيراعظم کي استثنيٰ آهي ته استثنيٰ وٺڻ گهرجي ان ۾ ڪو به هرج نه آهي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 14:07