پي آءِ اي جي اعليٰ انتظاميه جون پگهارون لکن ۾ آهن: سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني

پي آءِ اي جي اعليٰ انتظاميه جون پگهارون لکن ۾ آهن: سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 17نوری2016ء) سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني چيو آهي ته پي آءِ اي جي اعليٰ انتظاميه جون پگهارون لکن ۾ آهن، هيٺين گريڊ جي ملازمن کي 6، 6 مهينن کان پگهارون ۽ الائونس نه ملي رهيا آهن، ان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. اڱاري ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽ چيئرمين چيو ته پي آءِ اي جي وقتي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر جي پگهار 30 لک کان وڌيڪ آهي، ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر ايڇ آر، ڊائريڪٽر ڪسٽم ڪيئر، چيف آف انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ليگل ڪنسلٽنٽ جي پگهار 12، 12 لک روپيا آهي، جڏهن ته الائونسز ان کانسواءِ آهن، هن چيو ته اها ڪيتري تعجب جي ڳالهه آهي ته اعليٰ انتظاميه جون پگهارون ته لکن ۾ آهن جڏهن ته ڪيبين ڪريو ۽ هٺين گريڊ جي ملازمن کي گذريل 6، 7 مهينن کان انهن جون پگهارون ۽ الائونسز به نه ملي رهيا آهن، ڪيبين ڪريو کي 6 مهينن کان فارن فلائنگ الائونس به ناهي مليو. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 13:54