ڊاڪٽر شڪيل آفريدي غير ملڪي ايجنسي لاءِ ڪم ڪندو رهيو ۽ رياست دشمن سرگرمين ۾ ملوث هو: وفاقي وزير زاهد حامد

ڊاڪٽر شڪيل آفريدي غير ملڪي ايجنسي لاءِ ڪم ڪندو رهيو ۽ رياست دشمن سرگرمين ۾ ملوث هو: وفاقي وزير زاهد حامد

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 17نوری2016ء) قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد چيو آهي ته ڊاڪٽر شڪيل آفريدي غير ملڪي ايجنسي لاءِ ڪم ڪندو رهيو ۽ رياست دشمن سرگرمين ۾ ملوث هو، ڪمشنر ايف سي آر جي عدالت ۾ ان جي سزا جو معاملو ٻڌڻي هيٺ آهي، پاڪستان آمريڪا تي به پنهنجو موقف واضح ڪري ڇڏيو آهي، اڱاري ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران سينيٽر حافظ حمد الله جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي جواب ۾ هن چيو ته ڊاڪٽر شڪيل آفريدي کي مئي 2011ع ۾ گرفتار ڪيو ويو هو ان کي پهرين 33 سال قيد جي سزا ٿي بعد ۾ هڪ نظرثاني جي درخواست جي ٻڌڻي کانپوءِ ان ۾ گهٽتائي ڪري 23 سال ڪئي وئي، فاٽا ٽربيونل ۾ به ان پاران درخواست داخل ڪئي وئي جنهن کي ڪمشنر ايف سي آر کي موڪليو ويو ۽ هاڻي اهو معاملو ڪمشنر ايف سي آر جي عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، هن چيو ته اها حقيقت آهي ته شڪيل آفريدي غير ملڪي ايجنسي لاءِ ڪم ڪندو رهيو آهي ۽ ان جي ڪري ملڪ ۾ پوليو ويڪسينيشن جي عمل کي به شديد نقصان پهتو آهي ۽ 50 پوليو ويڪسينيٽرز کي به انهي سبب شهيد ڪيو ويو ته شايد ڪٿي هو به غير ملڪي ايجنسي لاءِ ڪم ته نه ڪري رهيا آهن، هن چيو ته شڪيل آفريدي کي آمريڪا ۾ هيرو ٺاهي پيش ڪيو ويندو آهي، آمريڪي ڪانگريس ان جي لاءِ هڪ بل به منظور ڪيو، جڏهن ته جنوري 2014ع ۾ هڪ قانونسازي ڪانگريس ۾ آندي وئي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي امداد ان وقت تائين روڪي وڃي جيستائين هو شڪيل آفريدي کي آزاد نٿا ڪن، هن چيو ته آمريڪا تي اسان پنهنجو موقف واضح ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته وزيراعظم جي خصوصي صلاحڪار طارق فاطمي به پنهنجي تازي آمريڪا دوري دوران ان بابت کان آمريڪي عملدارن کي آگاهه ڪيو. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 13:50