پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس

پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد(پاکستان پوائنٹ نیوز۔27 جولائی۔2016) پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن واري وزارت ۽ ان جي ماتحت ادارن بابت 34 ارب رپين جا 30 آڊٽ اعتراض اڪلائي ڇڏيا. ڪميٽي جو اجلاس ڪالهه اربع ڏينهن ڪنوينر سردار عاشق حسين گوپانگ جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ ڪميٽي جي ميمبرن ڊاڪٽر عارف علوي، شاهده اختر علي، آڊيٽر جنرل آف پاڪستان، پيٽروليم واري وزارت جي سيڪريٽري کانسواءِ او جي ڊي سي ايل، ايس اين جي پي ايل ۽ قانون واري وزارت جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن واري وزارت جي 10 – 2009ع جي آڊٽ اعتراضن تي غور ڪيو ويو. ڪميٽي خدشن جو اظهار ڪندي پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن واري وزارت کي هدايت ڪئي ته سمورن ماتحت ادارن ۾ مالياتي نظم ۽ ضبط هر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي. ڪنوينر سردار عاشق حسين گوپانگ پيٽروليم واري وزارت جي سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته هو اداراجاتي آڊٽ ڪميٽي جو اجلاس منعقد ڪري جيڪو ڊگهي عرصي کان ناهي ٿيو. ڊاڪٽر عارف علوي جي سوال جو جواب ڏيندي پيٽروليم وزارت جي ڊي جي ڪنسيشن ٻڌايو ته آئل ۽ گئس ڳوليندڙ ڪمپنين گذريل مالي سال دوران 88 کوهه کوٽيا جن مان 33 سيڪڙو ڪامياب رهيا. ان موقعي تي ڪميٽي کي جيالوجيڪل سروي آف پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر عمران خان پاران ٻڌايو ويو ته پاڪستان نيوڪليئر فيول ۾ پاڻڀرو آهي ۽ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته يورينيم ايڪسپلوريشن جي بنيادي سروي کي سگهه ڏني وڃي. هن ٻڌايو ته خيبرپختونخواهه جي لڪي مروت سميت ٻين علائقن ۾ يورينيم جا ذخيرا مليا آهن. اي پي پي/ش – چ/ع – ک 21:08