پيپلزپارٽي پاران گئس فراهمي بابت التوا واري رٿ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع

پيپلزپارٽي پاران گئس فراهمي بابت التوا واري رٿ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔27 جولائی۔2016) پيپلزپارٽي جي قومي اسيمبلي ميمبرن سڄي ملڪ ۾ گهريلو گئس صارفين کي برابري جي بنياد تي گئس جي فراهمي جي حوالي سان التوا واري رٿ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. پيپلزپارٽي جي قومي اسيمبلي ميمبرن شازيه مري، سيد نويد قمر، نواب يوسف ٽالپر، عمران ظفر لغاري ۽ نواب علي وساڻ پاران ڪالهه اربع ڏينهن قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرايل التوا واري رٿ ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته سڄي ملڪ ۾ گهريلو گئس صارفين کي هڪ جهڙن بنيادن تي گئس جي فراهمي جي حوالي سان حڪومتي تجويز آئين ۾ ڏنل فارمولي جي ابتڙ آهي، ان اهم معاملي کي ايوان جي ڪارروائي روڪي بحث هيٺ آندو وڃي. اي پي پي/ش – چ/ع – ک 21:03