قومي اسيمبلي جي اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي بابت ذيلي ڪميٽي جواجلاس

قومي اسيمبلي جي اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي بابت ذيلي ڪميٽي جواجلاس

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔27 جولائی۔2016) قومي اسيمبلي جي اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي بابت ذيلي ڪميٽي پيمرا تي زور ڀريو آهي ته هو ٽي وي چينلن جي لاءِ پنهنجي ضابطه اخلاق تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي. ڪميٽي جو اجلاس ڪالهه اربع ڏينهن هتي پيمرا هيڊڪوارٽر ۾ قومي اسيمبلي ميمبر عمران ظفر لغاري جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ پيمرا جي انتظامي، مالياتي ۽ قانوني معاملن جو جائزو ورتو ويو. ڪميٽي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي لاءِ ضابطه اخلاق بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي موثر عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ تجويزون پيش ڪيون. طلال چوڌري ضابطه اخلاق تي عملدرآمد جي لاءِ پيمرا کي ڪميٽي جي تعاون جي خاطري ڪرائي. ڪميٽي هڪ اينڪر پاران مارشل لاء جي حمايت ۾ جاري ڪيل بيان جي وضاحت جي لاءِ ٽي وي چينلن جي مالڪن کي ايندڙ اجلاس ۾ طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. طلال چوڌري چيو ته ڪجهه اينڪرز ميڊيا جي آزادي جو غلط استعمال ڪري رهيا آهن. هن ملڪ ۾ اظهار راءِ جي آزادي جي حمايت جي لاءِ پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ حڪومت جي ڪمٽمينٽ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اسان بول ٽي وي چينل جي ملازمن جي پگهارن جي معاملي تي صحافين جي حمايت ڪريون ٿا. پيمرا جي چيئرمين ابصار عالم چيو ته پارليامينٽ ۽ عدليه ٽي وي چينلن تي ملڪ دشمن بيانن جو نوٽيس وٺي سگهن ٿا. هن چيو ته پيمرا ۽ پي بي اي جي وچ ۾ ضابطه اخلاق تي اختلاف راءِ آهي. هڪ مرحلي تي پي بي اي چيو هو ته اهو سيلف ريگيوليٽ هوندو تنهن هوندي به ڪجهه مهينن کانپوءِ هن ان کان انڪار ڪيو، جڏهن پيمرا ٽي وي چينلن کي ريگيوليٽ ڪرڻ شروع ڪيو ته هو عدالت ۾ هليا ويا ۽ منع ناما حاصل ڪيا. ابصار عالم چيو ته ميڊيا قربانيون ڏيندي پنهنجي آزادي حاصل ڪئي ۽ هاڻي ڪجهه اينڪرز غيرسنجيدگي جو مظاهرو ڪري رهيا آهن، پارليامينٽ کي ان معاملي تي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ڪجهه اينڪرز وٽ ٻٽي شهريت آهي جيڪي پاڪستان جي آئين جي خلاف ڳالهه ڪن ٿا. هن چيو ته برطانيا وانگر قاعدن جي خلاف ورزي ڪندڙ ٽي وي چينلن جي خلاف ڏنڊ جي رقم ۾ اضافو ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته جيڪڏهن ٽي وي چينل برطانيا وانگر اظهار جي آزادي چاهين ٿا ته انهن کي اهڙي طرح پنهنجي ذميواري جو مظاهرو به ڪرڻ گهرجي. ڪميٽي پيمرا کي هدايت ڪئي ته هو آئين جي آرٽيڪل 6 جي خلاف ورزي بابت ايندڙ اجلاس ۾ پنهنجي قانوني راءِ ڏي. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 20:12