پاڪ چين اقتصادي لنگهه ڪنهن هڪ صوبي جو نه پر پوري ملڪ جومنصوبو آهي: وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد

پاڪ چين اقتصادي لنگهه ڪنهن هڪ صوبي جو نه پر پوري ملڪ جومنصوبو آهي: وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔27 جولائی۔2016) پارلياماني معاملن جي وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه ڪنهن هڪ صوبي جو نه پر پوري ملڪ جو منصوبو آهي، توانائي بحران جي خاتمي تي 34 ارب ڊالر خرچ ڪيا ويندا، اسلام آباد لاهور موٽروي تي تنقيد ڪندڙ به اڄ ان کي ساراهي رهيا آهن، چئني صوبن ۾ اقتصادي زونز بابت وڏن وزيرن جي مشاورت سان ٺاهيا ويندا، سيڙپڪارن کي رعايت نه ڏيندسين ته سيڙپڪاري ڪير ڪندو، پاڪستان، بلوچستان، سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه جي مفاد جي خلاف ڪو قدم نه کنيو ويندو. ڪالهه اربع ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ پارلياماني معاملن جي وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد سينيٽر جهانزيب جمالديني جي التوا واري رٿ تي بحث سهيڙيندي چيو ته اهو تاثر بلڪل غلط آهي ته سي پيڪ ڪنهن هڪ صوبي جو منصوبو آهي، اٽڪل 34 ارب ڊالر توانائي جي بحران جي خاتمي لاءِ خرچ ڪيا ويندا ۽ هي ڪو قرض نه پر چين جا مالياتي ادارا پنهنجي ڪمپنين کي مدد فراهم ڪري رهيا آهن، ڪوئلي، هوا ۽ شمسي توانائي جي منصوبن تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي، پورٽ قاسم تي 1320 ميگاواٽ جا ٻه منصوبا مڪمل ڪيا ويندا ۽ 2017ع کان ان مان پيداوار شروع ٿي ويندي، ٿر مان 660 ميگاواٽ جا منصوبا به 2017ع ۾ مڪمل ٿي ويندا، ان کانسواءِ ساهيوال ۾ ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ جو 1320 ميگاواٽ جو منصوبو 2017ع جي آخر تائين مڪمل ٿي ويندو، انهن ٽنهي منصوبن مان رڳو هڪ منصوبو ساهيوال ۾ هنيو پيو وڃي، پن بجلي جي منصوبن مان سڪي ڪناري مانسهره مان 870 ميگاواٽ بجلي ملندي، ان لاءِ زمين ورتي پئي وڃي، ڪيروٽ آزاد ڪشمير ۾ 720، ڪوهالا ۾ 1100 ميگاواٽ جو منصوبو شروع ڪيو ويندو، شمسي توانائي جو بهاولپور ۾ 400 ميگاواٽ جو منصوبو آهي، هڪ سئو ميگاواٽ بجلي حاصل ٿي رهي آهي جڏهن ته 300 ميگاواٽ 2017ع ۾ حاصل ٿيندي. ٺٽي جهمپير مان 200 ميگاواٽ جا منصوبا مڪمل ڪيا ويندا. هن چيو ته اولهندي ۽ اوڀرندي روٽ بابت چيو ويو آهي ته ننڍن صوبن کي ان مان ڪو فائدو نه آهي، خنجراب کان برهان تائين 5 ضلعن مان رستو گذرندو، اهو سمورو منصوبو ڪي پي ڪي ۾ آهي، اي 35 برهان کان حويليان تائين منصوبو مڪمل ٿيندو ته ڪي پي ڪي جي باقي علائقن جو هزاره تائين مفاصلو وڌيڪ گهٽ ٿيندو ۽ پشاور کان مفاصلو گهٽ ٿي ڏيڍ ڪلاڪ تائين رهجي ويندو. وفاقي وزير چيو ته اولهندي لنگهه جا ٻه روٽ آهن هڪ اوڀرندو روٽ ٻيو اولهندو روٽ آهي. پوري پاڪستان ۾ موٽرويز جو ڄار وڇايو ويندو. اولهندي روٽ تحت پهريون منصوبو برهان کان شروع ٿيڻو هو هاڻي اهو هڪلا کان ڊيره اسماعيل خان تائين مڪمل ڪيو ويندو، 5 سيڪشنن مان ٽن سيڪشنن جو ٺيڪو ڏنو ويو آهي ان کانپوءِ اهو ڊيره اسماعيل خان سان زوب جي رستي گوادر سان ملندو، ايندڙ ٻن سالن ۾ پورو ملڪ اقتصادي لنگهه سان ڳنڍجي ويندو. هن چيو ته اقتصادي لنگهه ۾ ڪنهن صوبي سان ڪا زيادتي نه ٿيندي. پشاور کان ڪراچي تائين ريلوي جي پٽڙي کي ٻن ڦاڪن وارو ڪيو ويندو جنهن سان سفر ۾ وڌيڪ آساني ٿيندي. هن چيو ته گوادر ۾ ٽي برٿون ڪم ڪري رهيون آهن، 80 وڌيڪ برٿون ٺاهيون وينديون. 22 ارب رپين جي لاڳت سان نئون ايئرپورٽ، ٻه ڊيم ٺاهيا پيا وڃن، گوادر ۾ توانائي جي لاءِ به 300 ميگاواٽ پيداوار جو منصوبو پڻ هنيو پيو وڃي جڏهن ته ايل اين جي جي لاءِ هڪ ٽرمينل پڻ ٺاهيو ويندو. هن چيو ته گوادر ۾ هڪ جديد اسپتال پڻ ٺاهي ويندي. هن چيو ته جيستائين ٽيڪس فري زون جو تعلق آهي اسان جي خواهش آهي ته دنيا جا سيڙپڪار هتي اچي سيڙپڪاري ڪن ۽ سيڙپڪاري تڏهن ٿيندي جڏهن سيڙپڪارن کي ڪا رعايت ملندي. هن چيو ته چئني صوبن ۾ اقصادي زونز پڻ ٺاهيا ويندا ۽ ان سلسلي ۾ جاءِ جي چونڊ لاڳاپيل وڏن وزيرن جي مشاورت سان ڪئي ويندي. هن چيو ته اهي 2030ع تائين جا منصوبا آهن، اسان کي زراعت، تعليم، صحت سميت سمورن شعبن کي ترقي ڏيڻي آهي. هن چيو ته اسلام آباد لاهور موٽروي منصوبو به جڏهن شروع ٿيو هوته ان تي به تمام گهڻي تنقيد ڪئي وئي هئي، جيڪڏهن اڄ اهو موٽروي نه هجي ها ته لاهور ۽ پشاور جي وچ ۾ مفاصلو ٽيهه ڪلاڪن ۾ طئي ٿئي ها. اڄ موٽروي جا مخالف به وزيراعظم نواز شريف کي ساراهي رهيا آهن. اهڙي طرح راولپنڊي اسلام آباد ۾ ميٽرو منصوبي تي پڻ تمام گهڻي تنقيد ٿي پر اڄ روزانو ڏيڍ لک ماڻهو ان تي سفر ڪري رهيا آهن. هن چيو ته وفاقي حڪومت ڪراچي ۾ پڻ مسافرن جي سهولت لاءِ بسون هلائيندي. ان سلسلي ۾ منصوبي کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي. لاهور ۾ اورانج لائين ٽرين منصوبي سان لاهور جي شهرين کي فائدو ٿيندو. هن چيو ته وزيراعظم نواز شريف جي ويزن سان ملڪ ترقي ڪئي آهي، ان کي ساراهڻ گهرجي. جيترو احترام پنجاب جا ماڻهو ٻين صوبن جو ڪن ٿا شايد ٻيا صوبا نه ٿا ڪن. هن چيو ته حڪومت بلوچستان، سنڌ ۽ ڪي پي ڪي جي مفاد جي خلاف ڪو قدم نه کڻندي. هن چيو ته ڊيره اسماعيل خان منصوبو اسان جو پنهنجو منصوبو آهي، ان ۾ چين جي ڪا سيڙپڪاري نه آهي. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 20:00