گم ٿيل ماڻهن جو معاملو پاڪستان جو اندروني معاملو آهي ان کي اسان پاڻ منهن ڏينداسين: ميان رضا رباني

گم ٿيل ماڻهن جو معاملو پاڪستان جو اندروني معاملو آهي ان کي اسان پاڻ منهن ڏينداسين: ميان رضا رباني

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 16نوری2016ء) سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني چيو آهي ته گم ٿيل ماڻهن جو معاملو پاڪستان جو اندروني معاملو آهي ان کي اسان پاڻ منهن ڏينداسين، آمريڪا ۽ برطانيا جي حڪومتن کي حق نه آهي ته ان معاملي تي ڳالهه ڪن، انهن کي ڪشمير ۽ فلسطين جي صورتحال نظر نه ٿي اچي. ڪالهه سومر ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران سينيٽ چيئرمين گهرو معاملن جي مملڪتي وزير انجنيئر بليغ الرحمان جي گم ٿيل ماڻهن جي معاملي تي ڳالهائڻ کان اڳ ريمارڪس ڏيندي چيو ته آئون سمجهان ٿو ته گذريل ٻن ڏينهن ۾ آمريڪي پرڏيهي آفيس ۽ يو ڪي پاران جيڪي بيان آيا اهي ٻئي مناسب بيان نه هئا، هي پاڪستان جو اندروني معاملو آهي، اسان ان کي پاڻ منهن ڏينداسين، انهن ٻنهي حڪومتن کي ڪو حق نه آهي ته اهي ماڻهن کي گم ڪرڻ واري معاملي تي ڳالهه ڪن خاص طور تي ڪشمير ۾ ماڻهن کي گم ڪرڻ تي اهي ٻئي حڪومتون خاموش آهن. فلسطين ۾ ماڻهن کي ماريو پيو وڃي ۽ اهي ٻئي حڪومتون خاموش آهن، اسان ڪنهن پرڏيهي حڪومت کي پنهنجي معاملن ۾ مداخلت جي اجازت نه ڏينداسين، انهن کي ڪشمير ۾ انساني حقن جون خلاف ورزيون نظر نه ٿيون اچن. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 18:35