وزيراعظم عالمي اقتصادي فورم جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت لاءِ زيورخ پهچي ويو

وزيراعظم عالمي اقتصادي فورم جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت لاءِ زيورخ پهچي ويو

زيورخ (سوئٽزرلينڊ) (پاکستان نیوز پوائنٹ 16نوری2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف عالمي اقتصادي فورم جي 47 هين سالياني اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ سومر ڏينهن هتي پهتو. بيگم ڪلثوم نواز ۽ وزيراعظم جو خصوصي معاون طارق فاطمي پڻ ساڻس گڏ آهن. زيورخ انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي جنيوا ۾ گڏيل قومن مشن ۾ خصوصي نمائندي ۽ سفير تهمينه جنجوعه ۽ سينيئر سوئس عملدارن سندس آجيان ڪئي. وسيع تر سماجي هم آهنگي ۽ انساني ترقي جي فروغ جي مقصد لاءِ عالمي اقتصادي فورم 17ک ان 20 جنوري تائين ڊيووس ۾ ٿيندو. وزيراعظم عالمي اقتصادي فورم جي ايگزيڪيوٽو چيئرمين پروفيسر ڪلاز شواب جي دعوت تي اهو دورو ڪري رهيو آهي. وزيراعظم ان موقعي تي پاڪستان جي اقتصادي ڪاميابين ۽ مثالي ڪاروباري ۽ سيڙپڪاري موقعن کي اجاگر ڪرڻ سان گڏوگڏ سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري طرف پڻ راغب ڪندو. هن سال اجلاس جو موضوع موثر ۽ ذميوار قيادت آهي جنهن ۾ 2017ع دوران قيادت جو اهم چئيلنجن طرف ڌيان ڇڪرايو ويندو. 47 هين اجلاس ۾ حڪومت، ڪاروباري ۽ سول سوسائٽي جا اٽڪل 3 هزار اڳواڻ گڏ ٿيندا. شرڪت ڪندڙن ۾ ٽيون حصو يورپ، اتر آمريڪا کان ٻاهر جڏهن ته هڪ حصو ڪاروباري ۽ حڪومت کانسواءِ معاشري جون نمائنده شخصيتون هونديون. وزيراعظم محمد نواز شريف ڊيووس ۾ ڪيترن ئي مملڪتي ۽ حڪومتي سربراهن ۽ واپاري اڳواڻن سان ملاقاتون پڻ ڪندو. هو ورلڊ اڪنامڪ فورم جي چيئرمين پروفيسر ڪلاز شواب سان پڻ ملاقات ڪندو. وزيراعظم جي سوئيڊن، ناروي ۽ سريلنڪا جي وزيراعظمن سان ملاقاتن کانسواءِ هالينڊ جي ملڪه ميڪسيما سان ملاقات پڻ متوقع آهي. ان کانسواءِ وزيراعظم ڊيووس ۾ گڏيل قومن جي نئين سيڪريٽري جنرل انٽونيو گيوٽريس ۽ سوئيٽزرلينڊ جي صدر ڊورس ليٿرڊي سان پڻ ملاقات ڪندو. پرڏيهي آفيس جي بيان موجب وزيراعظم پاڪستان ۾ سيڙپڪاري: نئين حقيقت جي موضوع تي اٽڪل 60 ڪاروباري اڳواڻن جي هڪ وڏي گروپ کي خطاب ڪندو. وزيراعظم نواز شريف هڪ گول ميز ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو جنهن ۾ هو اهم واپاري اڳواڻن جي هڪ گروپ سان پاڪستان ۾ رونما ٿيندڙ اقتصادي تبديلين ۽ ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ اقتصادي موقعن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. عالمي اقصادي فورم جو ساليانو اجلاس عالمي معيشت ۽ سياسي مسئلن تي گڏيل ڳالهين جو پليٽ فارم مهيا ڪري ٿو. وزيراعظم ڊيووس ۾ ان ڏس ۾ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندو. عالمي اقتصادي فورم جي سالياني اجلاس ۾ وزيراعظم نواز شريف جي شرڪت سان پاڪستان ۾ ڪاروباري، سيڙپڪاري ۽ واپاري موقعن کان عالمي برادري کي آگاهه ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ساليانو اجلاس 2017ع جو افتتاح چين جو صدر شي جن پنگ ڪندو جنهن سان گڏ چيني عهديدارن جو هڪ وڏو وفد پڻ هوندو. سالياني اجلاس جي پروگرام جي 400 ويهڪن ۾ اڌ کان وڌيڪ وسيع تر سماجي هم آهنگي ۽ انساني ترقي جي فروغ لاءِ حڪمت عملي تي ڌيان ڏنو ويندو. هڪ هزار کان وڌيڪ ڪمپنين جا سي اوز هن فورم ۾ شرڪت ڪندا. پاڪستان مان انفارميشن ۽ ٽيڪنالاجي ۽ مواصلات واري مملڪتي وزير انوشه رحمان، نيشنل هيلٿ سروسز جي مملڪتي وزير سائره افضل تارڙ پڻ هن فورم ۾ خيالن جو اظهار ڪنديون. دنيا ۾ وزارتي وفدن جي ان انتهائي اهم اجلاس ۾ 70 کان وڌيڪ ملڪن جي شرڪت سان گڏوگڏ گڏيل قومن جو نئون سيڪريٽري جنرل ۽ ڪيترن ئي اهم تنظيمن جا سربراهه شرڪت ڪندا. هن فورم جي پوري سال جي سرگرمين ۾ اهڙن منصوبن ۽ قدمن کي فروغ ڏنو وڃي ٿو جن سان گڏيل قومون پائيدار ترقي هدفن ۾ مدد ملي ٿي. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 18:32