پاڪ چين اقتصادي لنگهه ملڪ جي لاءِ انتهائي اهم آهي: سينيٽرز

پاڪ چين اقتصادي لنگهه ملڪ جي لاءِ انتهائي اهم آهي: سينيٽرز

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔27 جولائی۔2016) سينيٽ ميمبرن چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه ملڪ جي لاءِ انتهائي اهم آهي، سي پيڪ ۾ پٺتي پيل علائقن کي اوليت ڏني وڃي، بلوچستان، فاٽا ۽ گوادر کي ان جو وڌيڪ فائدو ٿيڻ گهرجي، پاڪ چين اقتصادي لنگهه سان ملڪي معيشت ترقي ڪندي ۽ پاڪستان خطي ۾ واپاري مرڪز بڻجي اڀرندو. ڪالهه اربع ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ معاهدي جي اهم نقطن جي حوالي سان التوا واري رٿ تي بحث ۾ حصو وٺندي ڊاڪٽر جهانزيب جمالديني چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي حوالي سان ايوان کي سمورن تفصيلن کان آگاهه ڪرڻ گهرجي، پارليامينٽ کان ڪا شيءَ ڳجهي رکڻ جي ضرورت نه آهي. هن چيو ته سي پيڪ تحت پٺتي پيل علائقن تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. سينيٽر مير ڪبير چيو ته سي پيڪ جو ڪو مخالف نه آهي تنهن هوندي به اسان جا ڪجهه خدشا آهن، اسان جو مطالبو آهي ته سي پيڪ جو وڌ کان وڌ فائدو گوادر ۽ بلوچستان کي ٿيڻ گهرجي ۽ عوام کي اها خبر هجڻ گهرجي ته ڪهڙي مد ۾ ڪيترو پئسو خرچ ٿي رهيو آهي. سينيٽر اعظم سواتي چيو ته سي پيڪ هڪ اهم منصوبو آهي، ان جي منصوبن ۾ پٺتي پيل علائقن تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. سينيٽر عثمان ڪاڪڙ چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه سان بلوچستان جي غربت جو خاتمو ضروري آهي. هن چيو ته اولهندي روٽ کي پهرين ترجيح طور مڪمل ڪرڻ گهرجي. سينيٽر نعمان وزير چيو ته سي پيڪ چين جي لاءِ به گيم چينجر آهي رڳو پاڪستان جي لاءِ نه آهي. سينيٽر الياس بلور چيو ته ڪي پي ڪي کي رڳو 40 ڪلوميٽر رستو ملي رهيو آهي. هن چيو ته اسان ننڍا صوبا توهان جا ڀاءُ آهيون. سردار اعظم موسيٰ خيل چيو ته جيستائين اسان پختون بلوچ هڪ ٻئي کي نه سمجهنداسين اسان سي پيڪ مان فائدو نه ٿا کڻي سگهون. هن چيو ته اسان کي اسان جا وسيلا نه ملي رهيا آهن. سينيٽر طاهر حسين مشهدي چيو ته چين سان اسان جا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، 46 ارب ڊالر جو اهو منصوبو ملڪ جي تقدير بدلائي سگهي ٿو، ان کي صحيح انداز ۾ استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي. سينيٽر تاج حيدر چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبو ايندڙ نسل جي ترقي لاءِ وڏو اهم آهي، ان منصوبي جي حوالي سان غلط فهميون ختم ڪيون وڃن. سينيٽر سسئي پليجو چيو ته سي پيڪ تي صوبن کي خدشا آهن، آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ جيڪي واعدا ڪيا ويا هئا اهي پورا ڪيا وڃن. سينيٽر جاويد عباسي چيو ته هي هڪ اهڙو منصوبو آهي جنهن جا ڪيترائي حصا آهن، هي رڳو هڪ رستو نه پر ان ۾ 35 ارب ڊالر توانائي جي بحران جي خاتمي تي لڳندا ۽ سڀ کان وڌيڪ صنعتون سنڌ ۾ لڳنديون ۽ سڀ کان وڌيڪ فائدو ڪي پي ڪي کي ٿيندو. هن چيو ته هزاره ۽ ڊيره اسماعيل خان پٺتي پيل علائقا آهن ۽ انهن کي ان منصوبي سان فائدو ٿيندو. هن چيو ته اڄ ان منصوبي تي تنقيد ڪندڙ سڀاڻي ان جي فائدي جا گيت ڳائيندا. سينيٽر فرحت الله بابر چيو ته هي منصوبو هاڻي ڪيترن ئي سببن جي ڪري تڪراري بڻجندو پيو وڃي. هن چيو ته حڪومت کي معاهدي جا تفصيل ايوان ۾ پيش ڪرڻ گهرجن. سينيٽر بيريسٽر محمد علي سيف چيو ته وڏن منصوبن سان تبديلي ان وقت ايندي آهي جڏهن ان جا فائدا عام ماڻهو تائين پهچن. هن چيو ته رستا ۽ عمارتون ٺاهڻ سان قوم جي ترقي نه ٿي ٿئي، ان جي ذهني تربيت ڪرڻ ضروري هوندو آهي. سينيٽر سعود مجيد چيو ته جيڪو به ملڪ هتي سيڙپڪاري ڪندو اهو پنهنجو فائدو به ڏسندو، اهو اسان جي تجويز موجب زگ زيگ نه ٺاهيندو، هتي هر شخص هن روٽ کي پنهنجي پنهنجي علائقي ۾ ٺاهڻ چاهي ٿو. سينيٽر ميان عتيق شيخ چيو ته اسان سڀ قوم جي بهتري چاهيون ٿا، سي پيڪ پوري پاڪستان جي لاءِ هڪ وڏو منصوبو آهي، سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته آخر ٻه سال گذري وڃڻ جي باوجود اسان ان روٽ جو تعين ڇو ناهيون ڪري سگهيا ته اهو ڪٿان گذرندو، حڪومت جو ڪم آهي ته هو ان حوالي سان ايوان کي مڪمل آگاهي فراهم ڪري. سينيٽر دائود خان اچڪزئي چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي حوالي سان سمورا تفصيل سامهون اچڻ گهرجن، وزيراعظم پاڻ ايوان کي منصوبي جي حوالي سان ٻڌائي. سينيٽر نهال هاشمي چيو ته ڪجهه ماڻهو پنجاب تي تنقيد ڪري پنهنجو سياسي قيد وڌائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، هي ايوان وفاق جو نمائندو آهي، شيرشاهه سوري کانپوءِ اسان کي هڪ اهڙو اڳواڻ مليو آهي جيڪو خوشحالي آڻڻ چاهي ٿو. سينيٽر عاجز ڌامراهه چيو ته سي پيڪ منصوبي سان پوري ملڪ کي فائدو ٿيڻ گهرجي، ننڍا صوبا جيڪڏهن پنهنجي محرومي جي ڳالهه ڪن ٿا ته اهو نه سمجهيو وڃي ته هو ڪنهن ٻئي صوبي جا مخالف آهن. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 19:46