سينيٽ جي ڪابينا سيڪريٽريٽ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو

سينيٽ جي ڪابينا سيڪريٽريٽ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 16نوری2016ء) سينيٽ جي ڪابينا سيڪريٽريٽ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس اڄ اڱاري ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو، اجلاس جي صدارت ڪميٽي جو چيئرمين سينيٽر طلحه محمود ڪندو، اجلاس ۾ ڪابينا ڊويزن سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي ڊيپوٽيشن تي ويندڙ آفيسرن جي واپسي بابت اسٽاف ويلفيئر آرگنائيزيشن جي معاملن، سي ڊي اي پلاٽن جي الاٽمينٽ، سي ڊي اي بورڊ جي ميمبر جي مقرري، هائوسنگ سوسائيٽين طرفان سي ڊي اي جي زمين تي قبضن ۽ سنگل فري اسلام آباد هاءِ وي بابت معاملن تي بريفنگ ڏني ويندي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 16:56