قومي اسيمبلي جي ڪابينا سيڪريٽريٽ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

قومي اسيمبلي جي ڪابينا سيڪريٽريٽ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔27 جولائی۔2016) قومي اسيمبلي جي ڪابينا سيڪريٽريٽ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي اي اين ايف ۽ ڪسٽم عملدارن تي پي آءِ اي جي اڏامن مان ڪروڙين رپين جي ماليت جي هيروئن ملڻ واري ڪيس ۾ ذميوارن جو تعين نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايندڙ اجلاس ۾ گهرو معاملن واري وفاقي وزير ۽ ايف بي آر جي چيئرمين کي گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. قومي اسيمبلي جي ڪابينا سيڪريٽريٽ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪالهه اربع ڏينهن رانا محمد حيات خان جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. ڪميٽي نئين اسلام آباد ايئرپورٽ جي تعمير ۾ غيرضروري دير تي خدشن جو اظهار ڪندي سول ايوي ايشن کي هدايت ڪئي آهي ته هو نئين ايئرپورٽ کي جولاءِ 2017ع تائين فعال ڪرڻ جي لاءِ ضروري قدم کڻي. ڪميٽي نيشنل ايئر ٽرانسپورٽيشن سيفٽي بورڊ بل 2014ع تي غور ڪيو ۽ سول ايوي ايشن کي هدايت ڏني ته هو ان حوالي سان هڪ بل آڻيندڙ ميمبر سان ملاقات ڪري ۽ اتفاق راءِ کانپوءِ رپورٽ 30 ڏينهن اندر ڪميٽي کي پيش ڪئي وڃي. اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن محمد عرفان ڊوگر، سردار منصب علي ڊوگر، پروين مسعود ڀٽي، شهناز سليم، نگهت پروين ڀٽي، نفيسا عنايت الله خان، مولوي آغا محمد، سيد جاويد علي شاهه، مهرين رزاق ڀٽو، سيد علي رضا عابدي ۽ ڪابينا سيڪريٽريٽ، ڪيڊ ڊويزن ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 18:37