سينيٽ جي انساني حقن بابت فنڪشنل ڪميٽي جو اجلاس

سينيٽ جي انساني حقن بابت فنڪشنل ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔27 جولائی۔2016) سينيٽ جي انساني حقن بابت فنڪشنل ڪميٽي جي چيئرپرسن سينيٽر نسرين جليل جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال، لاهور مان گم ٿيل ٻارن ۽ سينيٽر اعظم خان سواتي جي عورتن ڪم ڪار وارن هنڌن تي هراسان ڪرڻ جي ترميمي بل 2016ع جي ايجنڊا بحث هيٺ آئي. ڪراچي جي صورتحال تي رينجرز جي ڪرنل قيصر بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪراچي ۾ 2013ع کانپوءِ 7950 آپريشن ڪيا ويا، 6361 ماڻهن کي پوليس ۽ 221 کي ڪسٽم ايف آءِ اي جهڙن ادارن جي حوالي ڪيو ويو، انهن مان 5518 کي بنا ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي آزاد ڪيو ويو، 1313 جي ضمانت ورتي وئي، 188 کي سزا ٿي، انهن مان 1236 دهشتگرد، 848 ٽارگيٽ ڪلرز، 403 ڀتا خور، 143 اغوا ڪندڙ هئا، ٽارگيٽ ڪلرز 7224 ماڻهن کي نشانو بڻائڻ جو اعتراف ڪيو آهي، ايم ڪيو ايم جي خلاف 1313، پيپلز امن ڪميٽي جي خلاف 1035، اي اين پي جي خلاف 28 آپريشن ٿيا، آپريشن سان ڪراچي ۽ اندرون سنڌ ۾ دهشتگردي، ٽارگيٽ ڪلنگ، اغوائن، ڀتاخوري جي واقعن ۾ نمايان گهٽتائي ٿي آهي، خاص طور تي اسٽريٽ ڪرائيمز ۾ نمايان گهٽتائي ٿي آهي جنهن سبب ڪراچي ۾ ڪاروباري سرگرميون عروج تي آهن، اسٽاڪ ايڪسچينج جي ڪاروبار ۾ اضافو ٿيو آهي، گذريل 14 آگسٽ آزادي جي ڏهاڙي تي 5 ارب رپين جا پاڪستاني جهنڊا خريد ڪيا ويا، شهري هاڻي آزادي سان نوڪري، ڪاروبار ۽ سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺن ٿا، حيدرآباد مان 12 ماڻهن ۽ ڪراچي مان 3 گينگ گرفتار ڪيا ويا آهن جيڪي رينجرز جي ورديءَ ۾ ڀنگ لاءِ اغوا، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث هئا، ڪنهن خاص نسل يا ٻولي ڳالهائيندڙ شهرين جي خلاف آپريشن نه ٿي رهيو آهي ۽ نه ئي ڪنهن خاص سياسي پارٽي يا گروهه جي خلاف، آپريشن صرف ڏوهاري ماڻهن ۽ ڏهوارين جي خلاف بنا فرق جي ڪيو پيو وڃي ۽ ٻڌايو ته اندرون سنڌ ڪارروائي ۾ 478 ماڻهن کي پوليس جي حوالي ڪيو ويو، ڪراچي آپريشن کانپوءِ دهشتگردي ۾ 80 سيڪڙو، ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ 75 سيڪڙو، ڀتاخوري ۾ 85 سيڪڙو ۽ اغوا ۾ 83 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي. سينيٽر فرحت الله بابر چيو ته ڪراچي ۾ آفتاب نالي شهري جي قتل جي جاچ ٿيڻ گهرجي پر جنهن اداري تي قتل جو الزام آهي اهو ادارو جاچ نه ڪري. آفتاب جي قتل جي عدالتي جاچ پڻ ڪرائي وڃي يا اين سي ايڇ آر جاچ ڪري، جيڪڏهن اسان کي پنهنجي سيڪيورٽي فورسز کي الزامن کان بچائڻو آهي ته اسان کي زوري گمشدگي بابت عالمي ڪنوينشن تي صحيحون ڪرڻيون پونديون. ڪميٽي اجلاس ۾ لاهور مان گم ٿيل ٻارن جي حوالي سان ڊي آءِ جي انويسٽيگيشن لاهور چيو ته گذريل 6 مهينن ۾ 201 ٻار گم ٿيا، جن مان 163 واپس اچي ويا آهن جولاءِ جي مهيني ۾ 36 ٻار گم ٿيا 24 ٻار پاڻ واپس اچي ويا 5 کي پوليس بازياب ڪرايو، 7 ٻارن جي ڳولا جاري آهي ۽ انڪشاف ڪيو ته چائلڊ پروٽيڪشن بيورو لاهور ۾ 200 ٻار اهڙا آهن جيڪي پنهنجو يا والدين جو نالو نه ٻڌائي رهيا آهن. انساني حقن واري وفاقي وزير ڪامران مائيڪل چيو ته لاهور انتظاميا ۽ پوليس جا ذميوار ميڊيا ذريعي اصل حقيقتون ٻڌائين ۽ ڪميٽي جو ايندڙ اجلاس لاهور ۾ ڪيو وڃي جنهن ۾ لاهور ڊويزن جي انتظاميا کي گهرايو وڃي. اجلاس ۾ سينيٽر فرحت الله بابر، جهانزيب جمالديني، مير ڪبير شاهي، ثمينه عابد، اعظم خان سواتي، وفاقي وزير ڪامران مائيڪل، وزارت جي سيڪريٽري نديم اشرف، سلطاف احمد، اين سي ايڇ آر جي چيئرمين جسٽس (ر) علي نواز چوهان، رينجرز جي ڪرنل قيصر کانسواءِ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 18:34