صدر پاران ڪيپٽن محمد سرور شهيد جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي وئي

صدر پاران ڪيپٽن محمد سرور شهيد جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي وئي

گوجر خان (پاکستان پوائنٹ نیوز۔27 جولائی۔2016) صدر ممنون حسين پاران ڪيپٽن محمد سرور شهيد جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي وئي. ڪيپٽن محمد سرور شهيد جي ورسيءَ جي موقعي تي گلن جي چادر چاڙهڻ جي لاءِ صدر ممنون حسين جي ملٽري سيڪريٽري ڪالهه اربع ڏينهن گوجر خان ۾ ڪيپٽن راجا محمد سرور شهيد جي مزار تي حاضري ڀري. ان موقعي تي صدر پنهنجي پيغام ۾ چيو ته قوم ملڪ خاطر جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ شهيدن کي سدائين ياد رکندي. صدر چيو ته ڪيپٽن راجا محمد سرور شهيد جي بهادري ۽ شجاعت پاڪستاني نوجوانن ۾ جوش ۽ جذبو پيدا ڪندي رهندي ۽ اهي به سندس نقش قدم تي هلندي دشمن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائڻ لاءِ پرعزم آهن. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 18:14