هزاره موٽر وي ايڪسپريس وي جو منصوبو انتهائي اهميت جوڳو آهي: مرتضيٰ جاويد عباسي

هزاره موٽر وي ايڪسپريس وي جو منصوبو انتهائي اهميت جوڳو آهي: مرتضيٰ جاويد عباسي

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔27 جولائی۔2016) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسي چيو آهي ته هزاره موٽر وي ايڪسپريس وي جو منصوبو انتهائي اهميت جوڳو آهي، ان منصوبي جي پڄاڻي سان نه رڳو هزاره ڊويزن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي عوام کي بهتر سفري سهولتون مهيسر ٿينديون پر دوست ملڪ چين ۽ وچ ايشيائي رياستن سان به زميني رابطن کي بهتر بڻائڻ سان گڏيل واپار کي فروغ حاصل ٿيندو، هن اهڙن خيالن جو اظهار جنرل مينيجر اين ايڇ اي موٽر وي ايڪسپريس وي حويليان ٿاڪوٽ محمد نثار خان ۽ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر حسن ابدال حويليان موٽر وي ايڪسپريس وي فياض احمد سان اربع ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات دوران ڪيو، روڊ اينڊ بريج ڪارپوريشن آف چائنا جي جنرل مينيجر Ye chenjyin به ان موقعي تي موجود هو، ملاقات ۾ هزاره ڊويزن ۾ پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبن تي جلد ڪم جي آغاز تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 17:29