صحافين پاران سائيبر ڪرائيم بل جي معاملي تي سينيٽ جي پريس گئلري مان واڪ آئوٽ

صحافين پاران سائيبر ڪرائيم بل جي معاملي تي سينيٽ جي پريس گئلري مان واڪ آئوٽ

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔27 جولائی۔2016) صحافين سائيبر ڪرائيم بل جي معاملي تي سينيٽ جي پريس گئلري مان واڪ آئوٽ ڪيو جنهن کانپوءِ سينيٽر مشاهد الله خان پرچائي واپس وٺي آيو، اربع ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران صحافين پريس گئلري مان واڪ آئوٽ ڪيو ته پينل آف پرزائيڊنگ آفيسرن جي ميمبر سينيٽر احمد حسن، سينيٽر مشاهد الله خان کي چيو ته هو صحافين وٽ وڃي واڪ آئوٽ جي باري ۾ سبب معلوم ڪري، تنهن کانپوءِ سينيٽر مشاهد الله خان واپس اچي ٻڌايو ته صحافين کي سائيبر ڪرائيم بل تي خدشا آهن ۽ انهن چيو ته ان بل جي منظوري کان پهرين صحافين جي تنظيمن جي نمائندن جي انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير انوشه رحمان سان ملاقات ڪرائي وڃي. سينيٽر مشاهد الله خان چيو ته هن خاطري ڪرائي آهي ته هڪ ٻن ڏينهن ۾ انهن جي انوشا رحمان سان ملاقات ڪرائي ويندي، ان جي ان خاطري تي صحافين واڪ آئوٽ ختم ڪيو. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 15:23