اسٽيٽ ڪائونسل آف اومان جو پارلياماني وفد واپس روانو

اسٽيٽ ڪائونسل آف اومان جو پارلياماني وفد واپس روانو

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 14جنوری2016ء) اسٽيٽ ڪائونسل آف اومان جي صدر ڊاڪٽر يحييٰ محفوظ سليم المظهري جي قيادت ۾ اومان جو پارلياماني وفد پاڪستان جو چئن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪري ڪالهه ڇنڇر ڏينهن واپس روانو ٿي ويو. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مولانا عبدالغفور حيدري، سينيٽ سيڪريٽري امجد پرويز ملڪ ۽ سينيٽ سيڪريٽريٽ جي سينيئر آفيسرن وفد کي بينظير انٽرنيشنل ايئرپورٽ اسلام آباد تي رخصت ڪيو. اسٽيٽ ڪائونسل آف اومان جي صدر کي سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني هئي. پاڪستان ۾ چار ڏينهن رهڻ دوران وفد صدر ممنون حسين، وزيراعظم نواز شريف، سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني، پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز، سينيئر سياسي اڳواڻن ۽ ٻين اعليٰ عملدارن سان جدا جدا ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن دوران اومان جي وفد ۽ سينيٽ آف پاڪستان پارلياماني فرينڊشپ گروپ قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ۽ عالمي پارلياماني رابطن کي هٿي وٺرائڻ جي حوالي سان مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين ڳالهائيندي چيو ته سي پيڪ منصوبو رڳو پاڪستان نه پر سموري خطي جي لاءِ اقتصادي خوشحالي جو رستو کوليندو. هن چيو ته اومان کي ان اهم اقتصادي منصوبي مان فائدو کڻڻ گهرجي. اي پي پي/ع – ک 20:19