عالمي پارلياماني برادري پاڪستان جي پارلياماني ادارن کي مستحڪم بڻائي: سردار اياز صادق

عالمي پارلياماني برادري پاڪستان جي پارلياماني ادارن کي مستحڪم بڻائي: سردار اياز صادق

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 14جنوری2016ء) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق عالمي پارلياماني برادري تي زور ڀريو آهي ته اها پاڪستان جي پارلياماني ادارن سان موثر رابطا رکي ۽ انهن کي مستحڪم بڻائي. اها ڳالهه هن ڪالهه ڇنڇر ڏينهن لنڊن ۾ دولت مشترڪه جي پارلياماني ايسوسيئيشن جي سيڪريٽري جنرل اڪبر خان سان ملاقات دوران چئي. ڌرين پاڪستان ۽ پاڙيسري ملڪن جي پارليامينٽس ۽ انهن جي عملي جي سگهه وڌائڻ جي لاءِ ڪيترين ئي تجويزن تي تفصيلي غور ڪيو. سيڪريٽري جنرل پاڪستان ۾ پارلياماني ادارن جي استحڪام لاءِ اسپيڪر جي ڏاهپ ۽ لگن کي ساراهيو. اي پي پي/ع – ک 19:10