بينظير انڪم سپورٽ پروگرام پنهنجي مستحقين کي عزت نفس، بااختياري ۽ زندگي جو مقصد فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي: ماروي ميمڻ

بينظير انڪم سپورٽ پروگرام پنهنجي مستحقين کي عزت نفس، بااختياري ۽ زندگي جو مقصد فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي: ماروي ميمڻ

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 14جنوری2016ء) بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن مملڪتي وزير ماروي ميمڻ چيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام پنهنجي مستحقين کي عزت نفس، بااختياري ۽ زندگي جو مقصد فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، سخت گرمي هجي يا ڄمائيندڙ سرديءَ بي آءِ ايس پي ڪمزور ۽ غريب ماڻهن جي خدمت لاءِ سدائين موجود آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسڪردو، شگر ۽ خپلو ۾ ادائيگين جي مختلف مرڪزن ۽ مستحقين جي گهرن جي دوري دوران ڪيو. گلگت بلتستان قانونساز اسيمبلي جو اسپيڪر فدا محمد ناشاد اسڪردو جي دوري ۾ بي آءِ ايس پي چيئرپرسن سان گڏ هو. دورن جو مقصد ادائيگي جي مرڪزن جي ڪارڪردگي ۽ بئنڪن پاران مستحقين کي وقت سر رقم جي مڪمل ادائيگي جو معائنو، مستحقين سان ملاقات، خدمتن جي فراهمي ۽ بي آءِ ايس پي جي صارفين جي سارسنڀال جي حوالي سان عوام جي راءِ ڄاڻڻ هو. اي پي پي/ع – ک 19:08