پاڪ چين اقتصادي لنگهه ۽ توانائي جي منصوبن جي پڄاڻي سان ڪاروبار جون نيون راهون کلنديون: صدر ممنون حسين

پاڪ چين اقتصادي لنگهه ۽ توانائي جي منصوبن جي پڄاڻي سان ڪاروبار جون نيون راهون کلنديون: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔27 جولائی۔2016) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه ۽ توانائي جي منصوبن جي پڄاڻي سان ڪاروبار جون نيون راهون کلنديون ۽ روزگار جا موقعا ملندا، ان سلسلي ۾ حڪومت جون پاليسيون صحيح رخ ۾ آهن، هن اها ڳالهه اربع ڏينهن عاطف اڪرام شيخ جي سربراهي ۾ اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي وفد سان ايوان صدر ۾ ڳالهائيندي چئي. صدر حڪومت جي پاليسين تي اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪ صحيح رخ ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي، هن چيو ته بهتر اقتصادي پاليسين سبب عالمي مالياتي ادارن پاڪستان کي اڀرندڙ مارڪيٽ جي درجا بندي ۾ شامل ڪيو آهي، صدر چيو ته موجوده حڪومت ڪاروباري ۽ واپاري برادري کي سازگار ڪاروباري ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ سڀئي وسيلا استعمال ۾ آڻي رهي آهي، صدر چيمبر جي وفد کي مشورو ڏنو ته هو ملڪ ۾ عمده ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ واپارين کي ايوارڊ سان نوازي ته جيئن انهن ۾ وڌ کان وڌ مقابلي جو رجحان پيدا ٿئي، صدر چيو ته ڪاروباري طبقي جي مسئلن جي حل لاءِ حڪومت ڀرپور قدم کڻي رهي آهي، هن چيو ته ڪاروباري ۽ واپاري برادري کي پنهنجو تجويز ڪيل ٽيڪس ڏيڻ گهرجي ته جيئن ان سان حاصل ٿيندڙ آمدني مان عام ماڻهن کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪري سگهجن، اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر صدر ممنون حسين کي پنهنجي مسئلن کان آگاهه ڪيو، هن حڪومتي اقتصادي پاليسين جي واکاڻ ڪندي چيو ته هو ملڪ ۾ اقتصادي حالت کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ حڪومت سان رابطي ۾ آهن. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 16:17 خبر نمبر -- -- - 02