جنگ جي ميدان ۾ دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ ان جي فڪري شڪست ضروري آهي: صدر ممنون حسين

جنگ جي ميدان ۾ دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ ان جي فڪري شڪست ضروري آهي: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 13جنوری2016ء) صدر ممنون حسين چيو آهي ته جنگ جي ميدان ۾ دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ ان جي فڪري شڪست ضروري آهي، جمعي ڏينهن نيشنل ڊفينس يونيورسٽي ۾ ”نيشنل سيڪيورٽي اينڊ وار ڪورس“ جي گريجوئيشن تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته تعليم جي فروغ سان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کي ختم ڪري سگهجي ٿو. صدر چيو ته آپريشن ”ضرب عضب“ جي ڪاميابي کانپوءِ هڪ نئين قومي بياني جي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ سول ۽ عسڪري عملدار، ميڊيا ۽ تعليمي ماهر مددگار ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، صدر ممنون حسين چيو ته انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي خاتمي ۾ دوست ملڪن جي مهارت مان به فائدو کڻي سگهجي ٿو. ان موقعي تي صدر ممنون حسين ڪورس ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ سندون ورهايون. تقريب ۾ قومي سلامتي کي درپيش چئلينجن بابت ٻه بريفنگز به ڏنيون ويون، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ سول ۽ فوجي عملدار به تقريب ۾ شرڪت ڪئي. اي پي پي/ص – ج/ر – م16:25