ماڻهن کي گم ڪرڻ جي حوالي سان بل آڻڻ لاءِ پارلياماني اڳواڻن سان پاڻ ڳالهائي ان لاءِ ڳالهه ڪرڻ چيئر جو ڪم نه آهي: ميان رضا رباني جي فرحت الله بابر سان گفتگو

ماڻهن کي گم ڪرڻ جي حوالي سان بل آڻڻ لاءِ پارلياماني اڳواڻن سان پاڻ ڳالهائي ان لاءِ ڳالهه ڪرڻ چيئر جو ڪم نه آهي: ميان رضا رباني جي فرحت الله بابر سان گفتگو

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 13جنوری2016ء) سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني سينيٽر فرحت الله بابر کي چيو ته هو ماڻهن کي گم ڪرڻ جي حوالي سان بل آڻڻ لاءِ پارلياماني اڳواڻن سان پاڻ ڳالهائي ان لاءِ ڳالهه ڪرڻ چيئر جو ڪم نه آهي. اجلاس ۾ سينيٽر فرحت الله بابر عوامي اهميت جي معاملي تي ڳالهائيندي چيو ته حڪومت ان حوالي سان بل آڻڻ جي خاطري ڪرائي هئي پر اهو بل نه آيو، هن چيو ته هي معاملو گهڻي اهميت اختيار ڪندو پيو وڃي، هاڻي اسلام آباد مان به ماڻهو گم ٿي رهيا آهن، ڪالهه هڪ ٻي ماڻهو کي کڻڻ کانپوءِ ڇڏيوويو آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته ان معاملي تي بل آڻن جي لاءِ توهان سمورن پارلياماني اڳواڻن سان پاڻ ڳالهائي سگهو ٿا هي چيئر جو ڪم نه آهي. اي پي پي/ص – ج/ر – م15:44