وسيله حق ۽ وسيله روزگار اسڪيمن کي بند ڪيو ويو آهي: زاهد حامد

وسيله حق ۽ وسيله روزگار اسڪيمن کي بند ڪيو ويو آهي: زاهد حامد

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 13جنوری2016ء) قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد سينيٽ کي ٻڌايو آهي ته وسيله حق ۽ وسيله روزگار اسڪيمن کي بند ڪيو ويو آهي. جمعي ڏينهن سينيٽ ۾ سوالن واري وقفي دوران سينيٽر احمد حسن جي سوال جي جواب ۾ قانون واري وزير زاهد حامد ٻڌايو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت وسيله حق ۽ وسيله روزگار اسڪيمن کي جاري رکڻ جي ڪا به تجويز حڪومت جي غور هيٺ نه آهي، هي ٻئي اسڪيمون بند ٿي چڪيون آهن، انهن ۾ ڪيترائي مسئلا هئا. 2013ع ۾ انهن اسڪيمن کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، بي آءِ ايس پي پروگرام جو دائرو اسان وسيع ڪيو آهي، وسيله حق ۽ وسيله روزگار کي بند ڪرڻ جي پويان ڪو به سياسي سبب نه آهي. اي پي پي/ص – ج/ر – م13:57