هنڊا اٽلس ڪار جي 2016ع ماڊل جي معيار بابت شڪايت تي ڪارروائي جو سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جائزو وٺي سگهي ٿي: سينيٽ کي آگاهي

هنڊا اٽلس ڪار جي 2016ع ماڊل جي معيار بابت شڪايت تي ڪارروائي جو سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جائزو وٺي سگهي ٿي: سينيٽ کي آگاهي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 13جنوری2016ء) سينيٽ کي ٻڌايو ويو آهي ته هنڊا اٽلس ڪار جي 2016ع ماڊل جي معيار بابت شڪايت تي ڪارروائي جو سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جائزو وٺي سگهي ٿي. جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن واري وقفي دوران سينيٽر عتيق شيخ جي سوال جي جواب ۾ صنعتن ۽ پيداوار واري وزير غلام مرتضيٰ جتوئي ٻڌايو ته هنڊا اٽلس ڪار جو 2016ع ماڊل جيڪڏهن مقرر معيار جو نه آهي ته ان جو وڪرو پوءِ به وڌيڪ آهي، هڪ بدران ٻن شفٽن ۾ ڪم ٿي رهيو آهي، ڪوالٽي ڪنٽرول اسان جي وزارت نه جو پر سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جي ادارو جو آهي.اي پي پي/ص – ج/ر – م13:52