پاڪستان اسٽينڊرڊ اينڊ ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي جي مختلف ڪمپنين ڏانهن بقايائن جو معاملو حل ڪيو پيو وڃي: سينيٽ کي آگاهي

پاڪستان اسٽينڊرڊ اينڊ ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي جي مختلف ڪمپنين ڏانهن بقايائن جو معاملو حل ڪيو پيو وڃي: سينيٽ کي آگاهي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 13جنوری2016ء) سينيٽ کي ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان اسٽينڊرڊ اينڊ ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي جي مختلف ڪمپنين جي ذمي بقايائن جو معاملو حل ڪيو پيو وڃي. جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن واري وقفي دوران سينيٽر اعظم سواتي جي سوال جي جواب ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين ٻڌايو ته پاڪستان اسٽينڊرڊ اينڊ ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي جي ڪارڪردگي وڌائڻ جي لاءِ حڪومت ڪيترائي قدم کنيا آهن، ان جي نئين سر تنظيم سازي به ڪئي وئي آهي ته جيئن ان جي ڪارڪردگي بهترين بين الاقوامي روايتن جي مطابق بڻائي سگهجي. ٻه ارب روپين جون اسان جون بقايائون مختلف ادارن ڏانهن آهن. عدالت ۾ ان حوالي سان ڪيس هلي رهيو آهي، اسان ڪمپنين جي خلاف عدالت ۾ ويا آهيون، هي معاملو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. اي پي پي/ص – ج/ر – م13:43