سينيٽ چيئرمين پاران اسلام آباد مان شهرين جي گم ٿيڻ جي معاملي تي جواب لاءِ گهرو مملڪتي وزير اڄ طلب

سينيٽ چيئرمين پاران اسلام آباد مان شهرين جي گم ٿيڻ جي معاملي تي جواب لاءِ گهرو مملڪتي وزير اڄ طلب

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 12جنوری2016ء) سينيٽ چيئرمين اسلام آباد مان شهرين جي گم ٿيڻ جي معاملي تي جواب لاءِ گهرو مملڪتي وزير کي اڄ جمعي ڏينهن طلب ڪري ورتو آهي. ڪالهه خميس ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران هن چيو ته ميڊيا ۾ هي خبرون اچي رهيون آهن ته اسلام آباد مان اڄ هڪ ٻيو ماڻهو کنيو ويو آهي، ان کان پهرين به چار ماڻهو کڻي وڃڻ جون خبرون آهن، هي هڪ خطرناڪ رجحان آهي، هن چيو ته جيڪڏهن هي رياست جي پاليسي نه آهي ته پوءِ ڪجهه گروپ ائين ڪري رهيا هوندا جيڪو ڳڻتي جو سبب آهي، مملڪتي وزير ان معاملي تي ايوان کي آگاهه ڪري. اي پي پي/ص – ج/ر – م 18:08