وفاقي حڪومت صوبن جي مدد سان ڀاڻ تي سبسڊي جي لاءِ 27 ارب 96 ڪروڙ روپيا مختص ڪيا: سڪندر حيات بوسڻ

وفاقي حڪومت صوبن جي مدد سان ڀاڻ تي سبسڊي جي لاءِ 27 ارب 96 ڪروڙ روپيا مختص ڪيا: سڪندر حيات بوسڻ

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 12جنوری2016ء) نيشنل فوڊ سيڪيورٽي ۽ ريسرچ واري وفاقي وزير سڪندر حيات بوسڻ چيو آهي ته وفاقي حڪومت صوبن جي مدد سان ڀاڻ تي سبسڊي جي لاءِ 27 ارب 96 ڪروڙ روپيا مختص ڪيا، سبسڊي جي رقم ختم ٿيڻ کانپوءِ 9 جنوري کان هي اسڪيم ختم ڪئي وئي آهي، اسڪيم جاري رکڻ بابت مشاورت جي لاءِ سومر تي اجلاس ٿيندو. ڪالهه خميس ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران سينيٽر محسن لغاري جي اعتراض واري نڪتي جي جواب ۾ هن چيو ته 25 جون 2016ع تي هي سبسڊي جي اسڪيم شروع ڪئي وئي هئي ۽ وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتن گڏجي ان تي عمل ڪيو، اسڪيم تحت ڊي اي پي تي آبادگارن کي ٽي سئو روپيا ۽ يوريا ڀاڻ تي 156 روپيا في بيگ جي رعايت فراهم ڪئي وئي. آبادگارن به ان اسڪيم جي ڀرپور آجيان ڪئي ۽ سبسڊي اسڪيم شروع ٿيڻ کانپوءِ ڊي اي پي جي استعمال ۾ 18 سيڪڙو ۽ يوريا جي استعمال ۾ 23 سيڪڙو اضافو ٿيو، هن چيو ته 9 جنوري تي سبسڊي جي مختص رقم پوري ٿيڻ کانپوءِ هي اسڪيم ختم ڪئي وئي آهي تنهن هوندي به سينيٽ جي نيشنل فوڊ سيڪيورٽي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي سفارش ڪئي آهي ته ڀاڻ تي جي ايس ٽي جو خاتمو ڪيو وڃي ته جيئن آبادگارن کي وڌيڪ سهولت ملي سگهي. هن چيو ته صوبائي حڪومتن ۽ خاص طور تي پنجاب حڪومت طرفان هي درخواست ملي آهي ته ڀاڻ تي سبسڊي جو سلسلو بحال ڪيو وڃي، ان سلسلي ۾ سومر ڏينهن صوبائي نمائندن سان هڪ اهم اجلاس ٿي رهيو آهي جنهن ۾ سبسڊي بحال ڪرڻ بابت معاملن جو جائزو ورتو ويندو.اي پي پي/ص – ج/ر – م 18:06