دوائن جي قيمتن ۾ اضافي تي 2016ع ۾ 21 ڪيس داخل ڪيا ويا: سينيٽ کي آگاهي

دوائن جي قيمتن ۾ اضافي تي 2016ع ۾ 21 ڪيس داخل ڪيا ويا: سينيٽ کي آگاهي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 12جنوری2016ء) سينيٽ کي ٻڌايو ويو آهي ته دوائن جي قيمتن ۾ اضافي تي 2016ع ۾ 21 ڪيس داخل ڪيا ويا، ڪالهه خميس ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن واري وقفي دوران سينيٽر عتيق شيخ جي سوال جي جواب ۾ مملڪتي وزير بليغ الرحمان ايوان کي ٻڌايو ته پهرين مارچ 2015ع تي ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جي منظور ٿيل ڊرگ پرائسنگ پاليسي 2015ع جي نوٽيفڪيشن کانپوءِ دوائن جي قيمتن کي 30 جون 2016ع تائين منجمند ڪيو ويو، هن ٻڌايو ته 2013ع ۾ دوائن جي قيمتن ۾ اضافي تي 27 سيڪڙو ڪيس داخل ڪيا ويا. اي پي پي/ص – ج/ر – م 18:00