حڪومت ڪا به ڪڻڪ درآمد ناهي ڪئي: سڪندر حيات بوسڻ

حڪومت ڪا به ڪڻڪ درآمد ناهي ڪئي: سڪندر حيات بوسڻ

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 12جنوری2016ء) نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير سڪندر حيات بوسڻ چيو آهي ته حڪومت ڪا به ڪڻڪ درآمد ناهي ڪئي، ڪڻڪ جي درآمد روڪڻ جي لاءِ ڊيوٽي وڌائي 60 سيڪڙو ڪئي وئي آهي، ڪالهه خميس ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن واري وقفي دوران سينيٽر چوڌري تنوير خان ۽ ٻين ميمبرن جي سوالن جي جواب ۾ هن چيو ته 14 -2013ع ۾ ڪڻڪ تي درآمدي ڊيوٽي 10 سيڪڙو هئي جيڪا 16 -2015ع ۾ هي ڊيوٽي وڌائي 25 سيڪڙو ڪئي وئي جنهن کانپوءِ 40 سيڪڙو ڪيو ويو، جنهن کي هاڻي وڌائي 60 سيڪڙو ڪيو ويو آهي، هن چيو ته گذريل ٽن سالن دوران فلور ملز مالڪن ئي ڪڻڪ درآمد ڪئي هئي جنهن کي روڪڻ جي لاءِ ڊيوٽي وڌائي وئي، هن وقت به ملڪ ۾ ڪڻڪ جو وڏو ذخيرو موجود آهي، اي سي سي کي درخواست ڪئي آهي ته سنڌ ۽ پنجاب کي ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، ذخيرو وڏو آهي ان لاءِ اجازت ڏني ويندي. 16 -2015ع جي دوران ڪڻڪ جي گهرج 25 ملين ٽن هئي جڏهن ته پيداوار 25.63 ملين ٽن رهي. اي پي پي/ص – ج/ر – م 17:57