28 يونيورسٽين ۾ چيني ٻولي جي تعليم ڏني پئي وڃي: بليغ الرحمان

28 يونيورسٽين ۾ چيني ٻولي جي تعليم ڏني پئي وڃي: بليغ الرحمان

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 12جنوری2016ء) تعليم ۽ تربيت واري مملڪتي وزير بليغ الرحمان چيو آهي ته 28 يونيورسٽين ۾ چيني ٻولي جي تعليم ڏني پئي وڃي، هن وقت نيوٽيڪ طرفان چيني ٻولي جا ڪورسز ڪرايا پيا وڃن، ڪالهه خميس ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن واري وقفي دوران مير ڪبير، سينيٽر راحيله مگسي، اعظم سواتي ۽ ٻين ميمبرن جي سوالن جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته هن وقت سڄي ملڪ جي 197 ادارن ۾ سي پيڪ بابت 38 شعبن ۾ تربيت ڏني پئي وڃي، اسان جي تجويز آهي ته ايندڙ سال نيو ٽيڪ ۾ به چيني ٻولي جي تربيت جو سلسلو شروع ڪيو وڃي، پنج يونيورسٽين ۾ ڪنفيوشيش مرڪز به قائم ڪيا ويا آهن جيڪي چيني ٻولي کي فروغ ڏئي رهيا آهن. اي پي پي/ص – ج/ر – م17:47