قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس ملتوي

قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس ملتوي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 12جنوری2016ء) قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو خميس ڏينهن ٿيندڙ اجلاس ملتوي ڪيو ويو آهي، هاڻي اجلاس اربع ڏينهن 18 جنوري تي ٿيندو. اجلاس جي صدارت پي اي سي جو چيئرمين سيد خورشيد احمد شاهه ڪندو. اجلاس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزير طرفان يونيورسل سروس فنڊ جي حوالي سان بريفنگ ۽ وزارت جي 14 -2013ع جي آڊٽ اعتراضن جو جائزو ورتو ويندو. اي پي پي/ص – ج/ر – م 14:53